English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ريڙهي مياڻ لڳ کڏي ڪريڪ ۾ تيز هوا سبب ٻيڙي اونڌي، 18 مهاڻا ٻڏي ويا
233 views
|
03rd May 2026
•
سنڌي خبرون
مقامي مهاڻن پهچي پنهنجي مدد پاڻ تحت مهاڻن کي بچائي ورتو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ريڙهي ڳوٺ جي موساڻي پاڙي سان تعلق رکندڙ ماڻهن سان ڀريل پمو شيخ جي ٻيڙي مڇي جو شڪار ڪندي کڏي ڪريڪ وٽ رات دير سان تيز هوائن لڳڻ سبب اونڌي ٿي پئي۔ حادثي وقت ٻيڙي ۾ 18 مهاڻا سوار هئا، جن مان 15 مهاڻن کي پنهنجي مدد پاڻ بچايو ويو جڏهن ته 5 ڄڻا ڪجهه وقت لاءِ لاپتا ٿي ويا جن جي ڳولا مقامي ماڻهن رات دير تائين جاري رکي۔مقامي ذريعن موجب حادثو رات لڳ ڀڳ 11 وڳي پيش آيو، جڏهن اوچتو موسم خراب ٿي وئي ۽ تيز هوا سبب ٻيڙي ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي وئي۔ علائقي واسين ٻڌايو ته سرڪاري ادارن طرفان ڪنهن به قسم جي فوري امداد نه پهتي، جنهن سبب مقامي ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ هيٺ بچاءُ واريون ڪارروايون ڪيون مهاڻن جي گهر پهچڻ تي وارثن مٺايون ورهايون جڏهن ٻڏل ٻيڙي جو ڪو پتو نه پئجي سگهيو ٻئي پاسي مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ريڙهي مياڻ واري واقعي ۾ ڪوبه جاني نقصان ناهي ٿيو، جڏهن ته سڀئي ماڻهو محفوظ ٿي ويا آهن، پر حادثي دوران ٻيڙي مڪمل طور تي غرق ٿي وئي، جيڪا پمو شيخ جي ملڪيت هئي ۽ سندن روزگار جو اهم ذريعو پڻ هئي۔متاثر ٻيڙي مالڪ پمو شيخ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته هو باقاعده ٽيڪس ادا ڪن ٿا، پر علائقي ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي۔ هن چيو ته هنگامي حالتن ۾ نه ايمبولينس موجود آهي ۽ نه ئي ريسڪيو بوٽ، جنهن سبب ماڻهن کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو۔مقامي ماڻهن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته سامونڊي ۽ ڪريڪ وارن علائقن ۾ ايمرجنسي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، جيئن مستقبل ۾ اهڙن واقعن دوران جاني ۽ مالي نقصان کان بچي سگهجي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
06th Sep 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کی فیملی پکنک، وائلڈ وینچر واٹر پارک میں صحافیوں اور اہل خانہ نے یادگار دن گزارا
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
06th Sep 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کی فیملی پکنک، وائلڈ وینچر واٹر پارک میں صحافیوں اور اہل خانہ نے یادگار دن گزارا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ريڙهي مياڻ لڳ کڏي ڪريڪ ۾ تيز هوا
0 تبصرے