سڌوجا ۾ پوليس جي ڪارروائي، گهربل جوابدار گرفتار

ڪارروائي دوران جلال حيدر کوسو کي گرفتار ڪيو ويو: ايس ايڇ او

سڌوجا ۾ پوليس جي ڪارروائي، گهربل جوابدار گرفتار

سڌوجا (رپورٽر) سڌوجا ۾ پوليس جي ڪارروائي، قتل ڪيس جو گهربل ڏوهاري گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ. خبر موجب ايس ايڇ او سڌوجا گل حسن کوکر جي اڳواڻي ۾ پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري قتل ڪيس ۾ گهربل ڏوهاري جلال حيدر ولد محمد ملوڪ کوسو کي گرفتار ڪري ورتو. ايس ايڇ او سڌوجا گل حسن کوکر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته گرفتار جوابدار قتل ڪيس ۾ گهربل هو، جنهن کي ڪارروائي دوران گرفتار ڪري ورتو آهي. پنهنجي علائقي ۾ ڪنهن به ڏوهاري توڙي منشيات فروش کي بخش نه ڪندس، ڪارروايون جاري رکيون وينديون. ڏوهاري ڪيترو به بااثر ڇو نه هجي پر قانون جي پڪڙ کان ڪڏهن به بچي نه سگهندو.