ڪي يو جي ورڪرز پاران ڪراچي ۾ ميمبر سازي مهم جو اعلان

ملير ۾ اجلاس ٿي گذريو، نون يونٽن، قانوني سهائتا ۽ فلاحِي قدمن جي منظوري

ڪي يو جي ورڪرز پاران ڪراچي  ۾ ميمبر سازي مهم جو اعلان

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ميڊيا ورڪرن جي گڏيل طاقت کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪراچي يونين آف جرنلسٽس (ورڪرز) عوامي پريس ڪلب ملير، رزاق آباد ۾ هڪ اهم جنرل باڊي اجلاس منعقد ڪيو، جنهن ۾ تنظيم کي ڪراچي جي مختلف ضلعن تائين وڌائڻ لاءِ جامع حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويو۔ اجلاس جي صدارت صدر فواد محمود ڪئي، جڏهن ته جنرل سيڪريٽري ندا آصف، سينيئر جوائنٽ سيڪريٽري سامي ميمن، سيڪريٽري اطلاعات باغي ساگر، گورننگ باڊي ميمبر سيد بشارت شاهه، دلدار سيلرو ۽ ٻين ڪيترن ئي سرگرم ميمبرن شرڪت ڪئي۔ اجلاس ۾ نادر وسير ۽ سجاد علي شاهه پڻ موجود هئا، جيڪي صحافين جي حقن جي واڌاري لاءِ پرعزم آهن۔ اجلاس جي ڪارروائي سيڪريٽري پاران ايجنڊا پيش ڪرڻ سان شروع ٿي، جنهن کان پوءِ ميڊيا ورڪرن کي درپيش اهم مسئلن تي تفصيلي بحث ڪيو ويو۔ اهم معاملن ۾ ميمبرشپ ۾ واڌ، پيشاورانه چئلينجز کي منهن ڏيندڙ صحافين لاءِ قانوني سهائتا، ۽ ضرورت مند ورڪرن لاءِ هنگامي طبي امداد جي فراهمي شامل هئي۔ شرڪت ڪندڙن ڪيماڙي، نارٿ ناظم آباد ۽ گلشنِ اقبال/جوهر ۾ فوري طور نون يونٽن جي قيام تي زور ڏنو، ته جيئن شهر ڀر ۾ صحافين جي بهتر نمائندگي ۽ رابطن کي هٿي ملي سگهي۔ تفصيلي صلاح مشوري کان پوءِ جنرل باڊي متفقه طور انهن يونٽن جي قيام جي منظوري ڏئي ڇڏي۔ اسلم شاهه کي ڪياماڙي يونٽ جي قيادت سونپي وئي، شيراز کي نارٿ ناظم آباد ۾ تنظيم سازي جي ذميواري ڏني وئي، جڏهن ته ذوالفقار مگسي کي گلشنِ اقبال ۽ جوهر يونٽ جي قيام جو ٽاسڪ ڏنو ويو۔ يونين قيادت هن قدم کي هڪ اهم ۽ تبديلي آڻيندڙ اڳڀرائي قرار ڏيندي چيو ته ان سان مقامي سطح تي صحافين کي بااختيار بڻائڻ، پيشاورانه يڪجهتي کي هٿي ڏيڻ ۽ فلاحِي، قانوني ۽ ادارياتي سهولتن تائين تيز رسائي ممڪن بڻبي۔ ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر فواد محمود صحافين جي حقن جي تحفظ لاءِ يونين جي عزم کي ورجايو۔ هن چيو، ته هي توسيع صرف تنظيمي واڌ ناهي، پر هر صحافي جي آواز، تحفظ ۽ مستقبل کي مضبوط ڪرڻ جي هڪ تحريڪ آهي۔ اجلاس جي پڄاڻي تي شرڪت ڪندڙن نئين جذبي ۽ اتحاد سان ڪي يو جي ورڪرز کي ڪراچي جي صحافين لاءِ هڪ مضبوط ۽ اثرائتي پليٽفارم بڻائڻ جو عزم ورجايو۔