پپري ۾ قتل ٿيل نوجوان واري واقعي جو پنجن ڏينهن بعد ڪيس داخل

هٿياربندن هٿان سليم گوپانگ جي قتل ۽ سندس ڀاءُ جي زخمي ٿيڻ جو ڪيس داخل

پپري ۾ قتل ٿيل نوجوان واري واقعي جو پنجن ڏينهن بعد ڪيس داخل

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) پپري ۾ پنج ڏينهن اڳ پيش آيل فائرنگ واري واقعي ۾ نوجوان سليم گوپانگ جي قتل ۽ سندس ڀاءُ جي زخمي ٿيڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي۔ زخمي رشيد احمد جي مدعيت ۾ ٿاڻو بن قاسم تي چار سڃاتل ۽ ٻه نامعلوم جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو۔ ايف آءِ آر موجب خالد چانڊيو، راول چانڊيو، ڪامران پٺاڻ، عدنان شيخ ۽ ٻه نامعلوم جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو آهي۔ مدعي رشيد احمد بيان ڏنو آهي ته هو پنهنجي ڀاءُ سليم سان گڏ پپري علي محمد ڳوٺ ۾ هڪ هوٽل ڀرسان سنوڪر کيڏي رهيا هئا ته ٽن موٽرسائيڪلن تي سوار ڇهه هٿياربند ماڻهو اتي پهتا۔مدعي موجب 16 اپريل تي به انهن ئي ماڻهن ساڻس موٽرسائيڪل، نقد رقم ۽ موبائل فون ڦر ڪئي هئي، جن کي هن سڃاتو. سڃاڻپ ڪرڻ تي جوابدارن سان تڪرار ٿيو، جنهن دوران سندس ڀاءُ سليم وچ ۾ آيو ته جوابدارن سڌيون گوليون هلائي ڇڏيون۔رشيد احمد موجب راول چانڊيو ۽ خالد چانڊيو جي فائرنگ سبب هو ۽ سندس ڀاءُ سخت زخمي ٿي پيا، جڏهن ته سليم واقعي واري هنڌ تي ئي فوت ٿي ويو۔مدعي وڌيڪ ٻڌايو ته ڪامران پٺاڻ هوائي فائرنگ ڪندو رهيو ۽ ماڻهن کي ويجهو اچڻ کان روڪيندو رهيو، جنهن بعد سڀئي جوابدار فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا۔پوليس ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي۔