ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر ڌڻي بخش جهيجو ۽ ٻين آفيسرن اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ کي بريفنگ ڏني
ٺٽو( شفيق ڀٽي) سنڌ جي اڪائونٽنٽ جنرل ميانداد راهوجو ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس ٺٽو جو تفصيلي دورو ڪيو، جتي هن آفيس جي مختلف شعبن جو معائنو ڪندي مالي معاملن، ادائگين جي نظام، سرڪاري فنڊن جي شفاف استعمال ۽ دفتري ڪارڪردگي جو جائزو ورتو۔ ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر ٺٽو ڌڻي بخش جهيجو ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ کي آفيس جي مجموعي ڪارڪردگي، جاري مالي سرگرمين، پينشن ڪيسن، پگهارن جي ادائيگي، آڊٽ سان لاڳاپيل معاملن ۽ جديد ڊجيٽل نظام جي نفاذ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني۔ اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ ميانداد راهوجو مختلف شعبن جو دورو ڪندي آفيسرن ۽ عملي سان ملاقات ڪئي ۽ دفتري معاملن جي انجام ڏيڻ جي طريقيڪار جو جائزو ورتو۔ هن مالي نظم و ضبط، شفافيت ۽ وقت سر ادائگين کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته عوامي وسيلن جي استعمال ۾ احتياط، ايمانداري ۽ ذميواري کي هر صورت ۾ اوليت ڏني وڃي۔ هن چيو ته حڪومت سنڌ جي هدايتن موجب اڪائونٽس آفيسن ۾ جديد سڌارا، ڊجيٽلائيزيشن ۽ عوام دوست سهولتن جي فراهمي کي وڌيڪ بهتر بڻايو پيو وڃي ته جيئن سرڪاري ملازمن، پينشنرن ۽ لاڳاپيل ادارن کي وقت سر ۽ معياري خدمتون فراهم ڪري سگهجن۔ ان موقعي تي هن ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس ٺٽو جي مجموعي ڪارڪردگي کي ساراهيندي آفيسرن ۽ عملي کي وڌيڪ محنت ۽ پيشه ورانه ذميواري سان پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ جي تلقين ڪئي۔ اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ آفيس کي درپيش مسئلن ۽ ضرورتن بابت به آگاهي حاصل ڪئي ۽ لاڳاپيل اختيارين کي انهن جي حل لاءِ ضروري قدم کڻڻ جي يقين ڏياريو۔ ان موقعي تي اڪائونٽس آفيسر افضال چانڊيو ، گل مري ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر پڻ موجود هئا۔
0 تبصرے