سال اڳ والد جي مرضي سان شهمير سهتو سان عدالت ۾ پيش ڪئي هئي: تحريران مڱڻيجو
ھڱورجا(رپورٽر)ھڱورجا جي رھواسي مسمات تحريران منڱڻيجو پنھنجي مڙس شھمير سھتو سان گڏ پريس ڪلب پھچي دانھيو آھي ت ھڪ سال اڳ آء پنھنجي والد عنايت الله منڱڻيجو جي مرضي سان شھمير سھتو سان خير پور جي عدالت ۾ شادي ڪئي آھي آء پنھنجي مڙس سان ھن وقت ب گڏ خوش آھيان پر منھنجو والد ھاڻي لالچ ۾ اچي ڪري مون کي پنھنجي مڙس کان طلاق وٺڻ لاء زور ڀري رھيو آھي ۽ مون کي ڪنھن ٻي ھنڌ وڪرو ڪرڻ چاھي ٿو تحريران منڱڻيجو وڌيڪ ٻڌايو منھنجو پي منھنجي مڙس خلاف ڪوڙا ڪيس ڪري ھراسان ڪري ٿو تحريران منڱڻيجو جي مڙس شھمير جو چون آھي تحريران جو والد ۽ آن جا ساٿي اسان کي حراسان ڪن ٿا . پوليس وٽ ڪوڙيون درخواستون ڪيون وڃن ٿيون ۽ مون کي تنگ ڪيو وڃي ٿو ھن چيو ت تحريران منڱڻيجو جي والد مون کان سنڱ جا پيسا ورتا آھن ھاڻي طلاق ڏياري ٻي ھنڌ منھنجي زال کي وڪرو ڪرڻ چاھي ٿو . ھن اعلي اختيارين کي انصاف جي گھر ڪئي آھي۔
0 تبصرے