English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول پوليس پاران ڪروڙين رپين جي منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ
146 views
|
05th May 2026
•
سنڌي خبرون
22ويلر ڊمپر مان 4 ڪروڙ 80 لک رپين جي منشيات هٿ ڪئي وئي آهي: پولس
سجاول.(رپورٽ. گلشيرميربحر)سجاول ۾ پوليس جي منشيات خلاف وڏي ڪاروائي گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ سوپاري ۽ ڪروڙين رپيا ماليت جو سامان هٿ هڪ ڏوهاري گرفتار. تفصيل موجب. سجاول پوليس پاران منشيات خلاف ڪامياب ڪارروائي. سجاول ويجھو لنڪ روڊ صاحباڻي جاگير وٽ اسنيپ چيڪينگ دوران ريتي سان ڀريل 22 ويلر ڊمپر کي روڪي تلاشي ورتي. تلاشي دوران ڊمپر مان گھٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ سوپاري ۽ انڊين سفينه وڏي مقدار ۾ هٿ آئي جنھن جي ماليت چار ڪروڙ اسي لک رپيا ٻڌائي پئي وڃي. پوليس موجب هٿ ايندڙ گھٽڪي جون 944 ٿيلين ۾ 13 هزار 227 ڪلوگرام سوپاري موجود هئي. جنھن کي قبضي ۾ ڪيو ويو آهي. ڪاروائي دوران ڊمپر ڊرائيور دين محمد کي گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته ان جو ٻيو ساٿي شينا باجوڙي موقع تان فرار ٿي ويو. جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته مفرور ڏوهاري جي ڳولا جاري آهي. جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جانچ شروع ڪري ڇڏي آهي. سجاول پوليس جو چوڻ آهي ته ضلع ۾ منشيات خلاف ڪارروائيون جاري رهنديون
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سجاول پوليس پاران ڪروڙين رپين جي منشيات هٿ ڪرڻ جي
0 تبصرے