سجاول ۾ جي يو آءِ جي سڏ تي مولانا محمد ادريس جي قتل خلاف ريلي

سجاول ۾ جي يو آءِ جي سڏ تي مولانا محمد ادريس جي قتل خلاف ريلي

سجاول(رپورٽر)جميعت علماءِ اسلام (سجاول) جي سڏ تي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم پي اي شيخ الحديث مولانا محمد ادريس جي دردناڪ قتل خلاف هڪ وڏي احتجاجي ريلي ۽ مظاهرو ڪيو ويو. ريلي مولانا محمد اسماعيل جي اڳواڻي ۾ جامع قاسميه کان شروع ٿي پبلڪ پارڪ تائين پهتي، جتي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري کي خطاب ڪندي مولانا محمد اسماعيل قاسمي چيو ته ملڪ ۾ عالم سڳورن جي جان به هاڻي محفوظ ناهي رهي ۽ دهشتگردي سڄي ملڪ ۾ وڌي رهي آهي. هن چيو ته خاص طور تي خيبر پختونخواه ۽ بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي، جتي حڪومت ۽ سيڪيورٽي ادارا پنهنجون ذميواريون نڀائڻ ۾ ناڪام نظر اچن ٿا. هن حڪومت کان پرزور مطالبو ڪيو ته علماءِ اڪرام ۽ مذهبي اڳواڻن کي فوري طور تي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ مولانا محمد ادريس جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي. ان موقعي تي مولانا غلام حسين ميمڻ سميت ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو. مظاهري ۾ علما، ڪارڪنن ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، جن سخت نعريبازي ڪندي واقعي جي مذمت ڪئي.