English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ڀرسان باھ متاثر خاندانن جي مالي سهائتا
159 views
|
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ڳوٺ آسار ۽ هريار جي باهه متاثرن جي واهر ٿي وئي
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڳوٺ آسار ۽ هريار ۾ تازو پيش آيل افسوسناڪ باھ واقعي کان متاثر خاندانن سان يڪجهتي ۽ سندن ڏکن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ هڪ اهم ۽ باوقار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن دوران پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ڪنور ڪرني سنگھ سوڍا متاثر خاندانن ۾ مالي امداد جا چيڪ ورهايا، ان موقعي تي ٻڌايو ويو ته باھ واقعي جي فوراً بعد پاڪستان پيپلزپارٽي جي ايم پي اي سنڌ راڻا همير سنگھ سوڍا متاثر علائقن جو دورو ڪري متاثر خاندانن سان ملاقات ڪئي هئي ۽ کين هر ممڪن مالي ۽ اخلاقي سهڪار جي خاطري ڪرائي هئي، جنهن جي تسلسل ۾ اڄ هي امدادي تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب اقليتي معاملن واري کاتي، حڪومت سنڌ جي سهڪار سان منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ صوبائي وزير براءِ اقليتي معاملا شام سندر آڏواڻي جو خاص تعاون شامل رهيو، تقريب دوران متاثر خاندانن کي مالي امداد جا چيڪ فراهم ڪيا ويا ته جيئن هو پنهنجي زندگي ٻيهر معمول تي آڻي سگهن، ان موقعي تي کيئنراج سنگھ جاڙيجا، چيئرمين ڏيوراج سنگھ، اڳوڻو چيئرمين پرديپ اوجها، چيئرمين پنسنگھ ڀاٽي، پير ڏيسر سنگھ، چندن سنگھ سوڍو، ڀرت راساڻي، وائيس چيئرمين پهلاج ڀيل، نارائڻ سنگھ ڀاٽي، همير سنگھ ڏوهٽ، لالا لجپت درزي سميت ٻين معززين، سياسي سماجي شخصيتن ۽ ڳوٺاڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، تقريب جي آخر ۾ ڳوٺاڻن ۽ باھ متاثر خاندانن راڻا همير سنگھ سوڍا، ڪنور ڪرني سنگھ سوڍا ۽ سندن سموري ٽيم جو دل جي گهراين سان شڪريو ادا ڪندي چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ سندن ساٿ ۽ سهڪار هميشه ياد رکيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ ڀرسان باھ متاثر خاندانن جي مالي سهائتا
0 تبصرے