صوبائي وزير امتياز احمد شيخ، پارڪو جي نديم اجيت چستي، ذوالفقار ڪماريو ۽ ٻين جي شرڪت
شڪارپور (رپورٽر) گذريل ڏينھن پيپلز پارٽي اڳواڻ، سابق صوبائي وزير ۽ ميمبر سنڌ اسيمبلي امتياز احمد شيخ جي ميزباني هيٺ سول اسپتال شڪارپور ۾ جديد قسم جو ٽراما سينٽر قائم ڪرڻ لاء مقامي هوٽل دي ڪيومن ۾ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ پيپلز پارٽي اڳواڻ، سابق صوبائي وزير ۽ ميمبر سنڌ اسيمبلي امتياز احمد شيخ، پارڪو هيڊ ڪوآپريٽو افيئر ۽ سي ايس آر پارڪو نديم اجيت چستي، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل چيئرمين ذوالفقار علي خان ڪماريو، ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو، ايس ايس پي شڪارپور محمد کليم ملڪ، ريجنل ڊائريڪٽر اسٽيوٽا مريد حسين ککراڻي، پارڪو شڪارپور هيڊ دانيال، ميجر فيضان، قاضي سيلمان، ڊاڪٽر غلام اصغر مڱڻهار، ڊي ايڇ او شڪارپور ارشاد احمد سرڪي، ايم ايس ڊاڪٽر جئي پرڪاش، ڊاڪٽر جهانگير شيخ، ڊاڪٽر ظهير شمس، ڊاڪٽر اطهر شاھ، چونڊيل نمائندن، واپارين، معززين شهرين، ليڊيز ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور چيو ته پارڪو جي تعاون سان شڪارپور جي سول اسپتال ۾ ٽراما سينٽر جو افتتاح ڪري رھيا آھيون. ضلع ڪائونسل چيئرمين ذوالفقار علي خان ڪماريو چيو ته شڪارپور جي عوام لاء ايم پي اي امتياز احمد شيخ جون ڪاوشون ساراھ جوڳيون آهن ۽ امتياز احمد شيخ ضلعي شڪارپور لاء تمام بھترين پراجيڪٽ ڏنا آهن ۽ عوام انهن مان ڀرپور فائدو وٺي پيو. اسان جي پارٽيء جو اھو منشور آھي ته عوام لاء ڀرپور خدمتون سرانجان ڏيون. ھن چيو ته تازو پيپلز بس سروس کانپوء ھاڻي ٽراما سينٽر جو قيام آھي. چيئرمين ضلع ڪائونسل چيو ته اڃان به اسان جي پارٽي جا گھڻا ئي عوام لاء فائدا پٺتي آهن اھي آھستي آھستي سڀ عوام آڏو پيش ڪنداسين. ان موقعي تي خطاب ڪندي پارڪو جي هيڊ آف ڪوآپريٽو افيئرز ۽ سي ايس آر نديم اجيت جشتي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته شڪارپور ضلعي ۾ امتياز احمد شيخ جي اڳواڻي هيٺ ڪيترائي ڪم مڪمل ڪيا ويا آهن۔ امتياز احمد شيخ انهن چند ڪامياب سياستدانن مان آهن، جيڪي هر ڪم دل ۽ جان سان ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ ڪن ٿا۔ امتياز احمد شيخ هڪ بهترين بيوروڪريٽ به رهي چڪا آهن۔ شڪارپور جي عوام تمام خوش قسمت آهي، جن کي امتياز احمد شيخ جهڙو مهربان، عوام جو درد سمجهندڙ، ۽ عوامي خدمت تي يقين رکندڙ ۽ ان کي مڪمل ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ اڳواڻ مليو آهي۔ ھن چيو ته پارڪو جي تعاون طرفان سنڌ ٽريننگ ايڊيوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي جو پڻ معائنو ڪيو ۽ اتي سول ۽ اليڪٽريڪل ليب گھمي ڏٺي ۽ چيو ته ھنن ليبن کي ائين تيار ڪنداسين جيئن ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ آھن ھن چيو ته شاگردن جي انرولمينٽ کي وڌايو ۽ شاگردن کي ڊبل شفٽ ۾ ھلايو جيئن اھي وڌ ۾ وڌ ھن اداري مان فائدو وٺي سگھن. ان موقعي تي صوبائي وزير امتياز احمد شيخ چيو ته اسان شڪارپور جي عوام جي سھولتن لاء ڏينهن رات ڪوششون ڪري رھيا آھيون ـ پر اڄ اسان سول اسپتال ۾ ٽراما سينٽر جو افتتاح ڪري رھيا آھيون ۽ جلد کان جلد ان تي عمل ڪري شروع ڪرائينداسين. ايم پي اي امتياز احمد شيخ چيو ته مان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ چيف منسٽر سنڌ جو ٿورائتو آھيان جن مونکي ھي منصوبو ڏنو ۽ سنڌ ليول تي ڪنھن به ضلعي ۾ ناھي مان پھريان ھتي شڪارپور ضلعي ۾ کڻي آيو آھيان. ايم پي اي امتياز احمد شيخ چيو ته اسان جي پاڪستان پيپلز پارٽي جو اھو منشور رھيو آ ته عوام کي جيترو ٿي سگھي سھولت ڏيون ۽ عوام کي گھڻين پريشانين کان دور رکي سگھون. اسان اڳ به ايس آء يو ٽي ـ ٿيليسيميا ـ اين آء سي وي ڊي ـ بس سروس ـ گھر ـ سولر سسٽم ـ ايڊيوڪيشن ۽ ٻيا کوڙ سارا پروگرام عوام جي اڳيان آھن. ھن چيو ته اڄ اسان پارڪو جي اعلي عملدارن سان گڏ اسٽيوٽا جو پڻ دورو ڪيو آھي جتي سول ۽ اليڪٽريڪل ليبس جو معائنو ڪيو آھي. ھن اتان جي پرنسپال کي چيو ته ھن جي جلدي پي سي تيار ڪرايو ته ھن جلد از جلد ڪم جي شروعات ڪرائجي ۽ شاگردن کي اسڪالر جي سھولت به ڏني وڃي ـ ان موقعي جي پرنسپل کي پڻ چيڪ ڏنو ويو.
0 تبصرے