English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
164 views
|
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڪراچي ملير ۾ پاڪستان رينجرز (سنڌ) خفيه ڄاڻ جي بنياد تي ڪارروائي ڪندي سُکڻ جي علائقي لالا آباد مان ڦر ۽ اسٽريٽ ڪرائم جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث "لالو گروھ" سان واسطو رکندڙ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو۔ترجمان موجب گرفتار جوابدارن ۾ حميدالله عرف مانو ولد موسيٰ ۽ فريد الله ولد شير زمان شامل آهن۔ جوابدارن جي قبضي مان 30 بور جو هڪ پسٽل بمعه ميگزين ۽ 15 گوليون، هڪ پائوچ ۽ ٻه موبائل فون برآمد ڪيا ويا۔ابتدائي جاچ موجب جوابدار پنهنجن ٻين ساٿين سان گڏ قائدآبا ڪورنگي، لالا آباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڦر ۽ موبائل فون کسڻ جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث رهيا آهن۔رينجرز اختيارين موجب گرفتار جوابدار حميدالله اسٽريٽ ڪرائم کان علاوه ڊيزل اسمگلنگ ۾ به ملوث رهيو آهي ۽ هو ان کان اڳ به گرفتار ٿي جيل وڃي چڪو آهي، جڏهن ته سندس خلاف ڪراچي جي مختلف ٿاڻن تي ڪيترائي ڪيس داخل آهن۔اختيارين موجب جوابدارن جي ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، جڏهن ته گرفتار جوابدارن کي برآمد ٿيل سامان سميت وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
0 تبصرے