ٺٽي ڀرسان ڳوٺ سبز علي خان بروهي واسين جو عورتن سميت پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

ڳوٺاڻن حبيب الله بروهي، امير بخش پالاري، قربان بروهي، الهه بخش بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو

ٺٽي ڀرسان ڳوٺ سبز علي خان بروهي واسين جو عورتن سميت پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

ٺٽو(ڊ ر)ڳوٺ سبز علي خان بروهي جي عوام ڪيترن ئي سالن کان بنيادي مسئلن جو شڪار بڻيل تازوئي پاڻي جي شديد قلت وڌڻ سبب، عورتون، مرد ۽ ننڍڙا ٻارڙا سراپا احتجاج بڻجي ويا۔ تفصيل موجب ڳوٺ سبز علي خان بروهي جي رهواسين گهرن کان ٻاهر نڪري ڪيترن ئي مهينن کان پاڻي جي بندش خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرايو۔ احتجاج ۾ مردن سان گڏ عورتن ۽ ٻارڙن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ ڳوٺ جي معزز شخصيتن ماستر حبيب الله بروھي امير بخش پالاري قربان بروهي، الله بخش بروهي ۽ فاروق بروهي سميت عورتن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو بنيادي سهولتن کان مڪمل طور محروم آهن۔ ڪيترن ئي مهينن کان پاڻي بند آهي، بجلي نه هجڻ برابر آهي، جڏهن ته صفائي جو نظام پڻ مڪمل طور غير فعال بڻيل آهي۔ هنن وڌيڪ چيو ته لاڳاپيل اختيارين فوري طور نوٽيس وٺي ڳوٺ واسين کي پاڻي، بجلي ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائين، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو۔