ملير: ابراهيم حيدري ۾ شديد گرمي دوران پاڻي جي بندش، رهواسين جو احتجاج

پاڻي جي بندش خلاف وڏي تعداد ۾ علائقي واسين فشرمين چورنگي تي گڏ ٿي احتجاجي مظاهرو ڪيو

ملير: ابراهيم حيدري ۾ شديد گرمي دوران پاڻي جي بندش، رهواسين جو احتجاج

ملير: ابراهيم حيدري ۾ شديد گرمي دوران پاڻي جي بندش، رهواسين جو احتجاج ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي علائقي ابراهيم حيدري ۾ شديد گرمي دوران پاڻي جي بندش خلاف وڏي تعداد ۾ علائقي واسين فشرمين چورنگي تي گڏ ٿي احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج ۾ عورتن، ٻارن ۽ عام شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، جن پاڻي جي فوري بحالي جو مطالبو ڪيو.مظاهرو ڪندڙن جو چوڻ هو ته علائقي ۾ پاڻي جي مسلسل بندش سبب روزمره زندگي سخت متاثر ٿي وئي آهي، جڏهن ته گرمي جي شدت ۾ ماڻهو سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. انهن الزام لڳايو ته هڪ سياسي جماعت جي مقامي اڳواڻ جي مداخلت سبب علائقي ۾ پاڻي جي فراهمي متاثر ٿي رهي آهي.شهرين وڌيڪ چيو ته پاڻي جي بندش سبب گهرن ۾ شديد پريشاني پيدا ٿي وئي آهي ۽ بنيادي ضرورتون به پوريون ڪرڻ مشڪل بڻجي ويون آهن. احتجاج ڪندڙن سنڌ حڪومت ۽ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن سميت لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور پاڻي جي فراهمي بحال ڪئي وڃي ۽ ذميوار ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي۔