ڊپٽي ڪمشنر شڪيل احمد ابڙو جي اڳواڻيءَ ۾ ڊي سي آفيس کان سکر روڊ تائين ريلي ڪڍي وئي
شڪارپور (احسان ابڙو ) معرڪه حق بُنيان المَرصُوص جي حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر آفيس کان سکر روڊ تائين ريلي سڄي ملڪ جيان ضلعي انتظاميا شڪارپور طرفان ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي “معرڪه حق بُنيان المَرصُوص” جي ھڪ سال مڪمل ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور کان سکر روڊ تائين شاندار ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون شڪارپور چئني تعلقن جا اسسٽنٽ ڪمشنر، مختيارڪار، ڊي اي او سڪنڊري، ڊي ايڇ او، پوليس، نادرا جي آفيسرن سميت استادن، اسڪولي شاگردن، سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، مختلف سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن جي ملازمن سميت شھرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن پاڪستان زندھ آباد، پاڪ فوج زندھ آباد ۽ “ڪشمير بنيگا پاڪستان” جا اُڀ ڏاريندڙ نعرا پڻ ھنيا ريلي کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور چيو ته “معرڪه حق بُنيان المَرصُوص” پاڪستان جي تاريخ جو اھم باب آھي، جنھن قوم ۾ اتحاد، يڪجھتي ۽ وطن سان محبت جي جذبي کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آھي۔ ھن چيو ته پاڪ فوج، سيڪيورٽي ادارن ۽ پاڪستاني عوام ھميشه ملڪ جي سلامتي، استحڪام ۽ ترقي لاءِ قربانيون ڏنيون آھن، جن کي قوم سدائين فخر سان ياد رکندي ڊي اي او سيڪنڊري محمد شاهه چيو ته اڄ جي ريلي جو مقصد نوجوان نسل ۾ حب الوطني، قومي يڪجھتي ۽ ملڪ سان وفاداري جو جذبو اجاگر ڪرڻ آھي ته جيئن ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ گڏيل طور پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگھجي۔ اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور عارفه بتول چيو ته معرڪه حق بُنيان المرصوس هن ريليءَ جو مقصد پاڪستان فوج، سڪيورٽي ادارن ۽ پاڪستان عوام هميشه ملڪ جي سلامتي، استحڪام ۽ ترقي لاءِ قربانيون ڏنيون آهن جن کي پاڪستاني قوم کي سدائين فخر رهندو. ڊي ايڇ او شڪارپور چيو ته “معرڪه حق بُنيان المَرصُوص” جي ھڪ سال مڪمل ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ اڄ ريلي ڪڍي پاڪستاني فوج کي سرخ سلام پيش ڪريون ٿا.
0 تبصرے