English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سھراب ڳوٺ ۾ 12 کان 16 ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ سبب رهواسي عذاب ۾ مبتلا
235 views
|
08th May 2026
•
سنڌي خبرون
علائقي واسين جي لوڊ شيڊنگ ڪري بجلي مال منڊي ۽ فيڪٽرين کي مبينا وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) روشنين جي شھر ڪراچي جي سھراب ڳوٺ ٽائون جي مختلف علائقن ۾ ڪي اليڪٽرڪ پاران روزانو جي بنياد تي 12 کان 16 ڪلاڪ جي ڊگھي لوڊ شيڊنگ ڪئي پئي وڃي، تازو بجلي جي وزير مملڪت اويس لغاري اھو اعلان پڻ ڪيو ھو ته ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وئي آھي، تنھنجي باوجود به ڪراچي اليڪٽرڪ سپلائي ڪارپوريشن پاران لوڊشيڊنگ جون قھري ڪاروايون جاري آھن.علائقي واسين جي شڪايتن تي ميڊيا جي ٽيم مختلف علائقن جو دورو ڪري ماڻھن کان حال احوال ورتا، نالا ظاھر نہ ڪرڻ جي شرط تي علائقي واسين پنھنجا ويچار ونڊيندي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ وارن اسانجي زندگي زھر بڻائي ڇڏي آھي، سڄو سڄو ڏينھن پوري پوري رات لائيٽ نه ٿي ڏني وڃي، اليڪٽرڪ سان وابسته سمورو ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آھي، اسان کان ٻن ويلھن جي ماني به کسي پئي وڃي، روز بروز مھانگائي اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي مٿان لائيٽ جي ڊگھي لوڊشيڊنگ ويتر اسان کي خودڪشين ڏانھن ڌڪي رھي آھي، قيامت جهڙي گرمي ۽ مٿان مسلسل 12 کان 16 ڪلاڪ بجلي جي نه ھجڻ ڪري گهرن ۾ پاڻي ناهي، ٻار، عورتون، بزرگ ۽ بيمار ماڻهو تڪليف واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، ڪراچي سميت پوري ملڪ ۾ گرمي ۽ ھيٽ ويو ايمرجنسي لڳل اھي، تيز گرمي جي ڪري مختلف بيمارين منھن ڪڍيو آھي، ھڪ طرف بجلي نہ ھجڻ جو جواز ڄاڻايو پيو وڃي ٻئي طرف انھن ئي علائقن ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي پرائيويٽ ماڻھن طرفان ڪنڍا ڪنيڪشن ذريعي 24 ڪلاڪ بغير ڪنھن وقفي جي بجلي ڏني پئي وڃي، اھو بہ انڪشاف ٿيو آھي ته 24 ڪلاڪ بجلي جا ريٽ به مقرر ٿيل آھن، اعتبار ذريعن ڄاڻايو آھي ته ڪي اليڪٽرڪ ۽ ڪنڍا مافيا، ميٽر صارفين لاء اھڙيون حالتون پيدا ڪري رھيا آھن ته جيئن اهي به 24 ڪلاڪ هلندڙ لائيٽ واري لائين تي ڪنڍا ڪنيڪشن لڳرائين ۽ آرام سان بجلي استعمال ڪن، هر مهيني ڪي اليڪٽرڪ جو عملو ۽ ڪنڍا مافيا پنهنجي ئي اداري کي ڪروڙن رپين جو نقصان ڏئي رهيا آهن، رهواسين جو اھو به چوڻ آھي ته اهو ممڪن ناهي ته ڪي اليڪٽرڪ جي آفيسرن جي آشيرواد کان سواءِ هر مهيني پنهنجي ئي اداري کي ڪروڙن رپين جو چُونو لڳايو وڃي، ڪي اليڪٽرڪ جي ستايل عوام اهو به انڪشاف ڪيو آهي ۽ الزام پڻ لڳايو آھي ته اسان جي علائقن جي حصي جي بجلي نادرن باءِ پاس تي قائم مال منڊي ۽ فئڪٽرين کي مبينا وڪرو ڪئي پئي وڃي، جنهن مان ھر مھيني لکين رپيا ڪنڍا مافيا، ڪي اليڪٽرڪ جي عملي ۽ سندن اعلي آفيسرن جي کيسي ۾ وڃن ٿا، ھتان جي رهواسين سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، وفاقي وزارت بجلي اويس لغاري، وزيراعلي سنڌ مراد علي شاہ، گورنر سنڌ سيد نھال ھاشمي ۽ اعلي اختيارين کان اپيل ڪئي آھي ته ھن عمل خلاف نوٽيس وٺي ڪي اليڪٽرڪ ۽ ڪنڍا مافيا خلاف ڪارروائي ڪري عوام کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ علائقي واسي پرامن احتجاج جو حق محفوظ رکن ٿا جيڪو انھن جو قانوني ۽ آئيني حق آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
10th Sep 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٹک ٹاک کی دنیا میں ایک منفرد آواز، برکت خان عرف ’’کنگال گروپ آف پاکستان‘‘، پشتو مزاح اور ثقافتی رنگ کے ذریعے نئی شناخت بنانے والے نوجوان کریئیٹر
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
10th Sep 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٹک ٹاک کی دنیا میں ایک منفرد آواز، برکت خان عرف ’’کنگال گروپ آف پاکستان‘‘، پشتو مزاح اور ثقافتی رنگ کے ذریعے نئی شناخت بنانے والے نوجوان کریئیٹر
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سھراب ڳوٺ ۾ 12 کان 16 ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ
0 تبصرے