جسقم بشير قريشي هڱورجا پاران 17 نئي تي پيادل مارچ جو اعلان

سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن جي حل لاءِ ملهيراڻي سولنگي اسٽاپ کان شاهه جي مشين تائين پيادل مارچ ڪيو ويندو: قلب عباس حيدري

جسقم بشير قريشي هڱورجا پاران 17 نئي تي پيادل مارچ جو اعلان

ھڱورجا(رپورٽر)جسقم( بشيرخان قريشي )پاران سنڌ۾ منشيات جي ڪاروبار . ڪارو ڪاري جي ڪڌي رسم. سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ.بدامني ۽ بيروزگاري سنڌ ۾ زمين جي والار جي خلاف 17 مئي تي ملھيراڻي سولنگي اسٽاپ کان شاھ جي مشين تائين احتجاجي پيادل مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي اھڙو اعلان جسقم بشيرخان قريشي جي مرڪزي ماليات سيڪريٽري مجيب آزاد ڀيلار پريس ڪلب ھنڱورجا ۾ جسقم بشيرخان قريشي جي اڳواڻن قلب عباس حيدري عرفان سولنگي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو آھي اڳواڻن چيو ت منشيات جي ڪاروبار نوجوان نسل کي تباھ برباد ڪري ڇڏيو آھي شھرن توڙي ڳوٺن ۾ آئيس سميت سموري منشيات جو ڪاروبار چوٽ چڙھيل آھي جنھن سبب روزانو ڪيترائي نوجوان پنھنجون حياتيون وڃائي ويھن ٿا انھي ڪاروبار ۾ پوليس انتظاميه برابر جي شريڪ بڻيل آھي منشيات جي خاتمي لاء جسقم بشيرخان قريشي ڀرپور نموني آواز اٿاريندي ھنن چيو تہ سنڌ ڪاروڪاري جي ڪڌي رسم تحت نياڻين کي سرعام قتل ڪيو وڃي ٿو . حڪومت توڙي انتظاميا ڪارو ڪاري جي رسم تحت نياڻين جي قتل عام کي بندڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آھي روبينا خالد چانڊيو . گلان ڀارو سميت اڻ ڳڻيون نياڻيون قتل ڪيون ويون آھن اھڙي ڪڌي رسم خلاف جسقم ميدان عمل ۾ نڪري جدوجهد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي ھنن چيو سنڌ بدامني جو راڄ قائم ٿي ويو آھي بيروزگاري سبب نوجوان خودڪشيون ڪرڻ مجبور آھن سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال ھجڻ باوجود سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪئي وڃي ٿي سنڌ ۾ بدامني چوٽ چڙھيل آھي روزانه ڦرلٽ . قتل جا واقعا روز جو معمول بڻيل آھن ھنن چيو ڪارو جي رسم ۽ منشيات جي خاتمي بد امني بيروزگاري . سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ خلاف 17 مئي تي ملھيراڻي سولنگي اسٽاپ کان شاھ جي مشين تائين تاريخي احتجاجي پيادل مارچ ڪيو ويندو.ھنن جسقم جي ڪارڪنن توڙي سماج لاء پاڻ پتوڙيندڙ ڌرين توڙي وڪيلن صحافين شاگردن سميت ھرطبقي جي ماڻھن کي شرڪت جي اپيل ڪئي آھي