اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق احمد خان پاران علمي ۽ ادبي فضا کي سازگار بڻائڻ لاءِ متحرڪ ٿيڻ جو اعلان
شڪارپور ( احسان ابڙو ) اڳوڻي چيف جسٽس ۽ مصنف آغا رفيق احمد خان پاران شڪارپور جي علمي ۽ ادبي فضا کي وڌيڪ سازگار بڻائڻ لاءِ متحرڪ ٿيڻ جو اعلان ڪيو ويو ھن سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات دوران پنهنجي خواهش جو اظهار ڪندي چيو ته شڪارپور جي علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي وفاقي شرعي عدالت جي چيف جسٽس، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين، وفاقي لا سيڪريٽري ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي عهدن تي رهندڙ، سپريم ڪورٽ جي ايڊووڪيٽ ۽ “عدليه ۾ منهنجا 44 سال” ڪتاب جي مصنف آغا رفيق احمد خان سان سندن رهائشگاهه تي سوشل اينڊ لٽري فورم شڪارپور جي وفد، تفصيلي ملاقات ڪئي آغا رفيق احمد خان ٻڌايو ته سندن يادگيرين تي مشتمل ڪتاب، انگريزي کان پوءِ هاڻي سنڌي ٻوليءَ ۾ به منظرعام تي آندو ويندو ھن سول سوسائٽي ۽ ادبي حلقن سان وڌيڪ ۽ مؤثر لاڳاپا قائم رکڻ ۽ علمي ادبي فضا کي سازگار بڻائڻ لاءِ متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻ جي خواهش پڻ ظاهر ڪئي ھن چيو ته هو پاڻ کي تشهير ۽ نمائش کان پري رکندو آهي، پر سندن يادگيرين تي ٻڌل ڪتاب شايع ٿيڻ کان پوءِ سماج طرفان ملندڙ پذيرائي کين گذريل ڏينهن جون وڌيڪ ڳالهيون ياد ڏياريون آهن، جيڪي پڻ هاڻي تحرير جي صورت ۾ سامهون آنديون وينديون جڏهن سياست ۽ اقتدار جي بلند عهدن تي پهتل ماڻهن تي سندن احسانن جو ذڪر نڪتو ۽ ڪتاب ۾ انهن ڳالهين جي غير موجودگي بابت احساس ڏياريو ويو ته هن چيو ته “اهو منهنجو ظرف ناهي جو مان پنهنجا احسان ماڻهن کي ڳڻايان يا انهن جو ذڪر ڪري ڪنهن غرور ۾ مبتلا ٿي وڃان۔ ڳالهه ٻولهه دوران بهادر جج جي حيثيت سان سندن کنيل قدمن تي به خيالن جو اظهار ڪيو ويو۔ جڏهن ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسر جي حيثيت سان ڪراچي ۾ خوف جي علامت بڻيل ايم ڪيو ايم جي چونڊن ۾ ڌانڌلي کي بي نقاب ڪرڻ ۽ انهن معاملن کي ميڊيا آڏو آڻڻ جو ذڪر ٿيو ته هن چيو ته “جيڪو الله کان ڊڄي ٿو، ان جي اڳيان ڪنهن ٻئي خوف جي ڪا اهميت نٿي رهي۔ ملاقات ۾ فورم جي چیئرمین نسیم بخاري کان علاوہ سيڪريٽري جنرل آصف شيخ ۽ عامر خان پڻ موجود هئا۔
0 تبصرے