ڳوٺ عالم جا ڀاڻ واسي زخمي اڪرم ڀرٽ ۽ ٻين احتجاج ڪيو
نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ عالم جا ڀاڻ جي رهواسي ڳوٺاڻن جو نوجوان اڪرم ڀرٽ کي زخمي ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي ميڊيا اڳيان دانهيندي ڳوٺاڻن محمد اسلم، پرويز ڀرٽ، راشد علي چيو آهي ته اسان جي گهرن جي گهٽي مان مخالف کي لنگهڻ تان روڪيو هو پر اهي نه مڙيا جن کي اسان جي نوجوان اڪرم کي لٺيون ۽ سروٽا هڻي زخمي ڪري ڇڏيو آهي هنن چيو ته جوابدار معشوق، زاهد، گهنور عرف پپو ۽ راهب ڀرٽ وارن اسانجي نوجوان کي زخمي ڪيو آهي ڪوٽ مٺا ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آهي پر پوليس جوابدارن کي گرفتار نه پئي ڪري جنهن سبب جوابدار موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن هنن ايس ايس پي نوشھروفيروز سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته معاملي جي جاچ ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي
0 تبصرے