جھوڪ شريف ڀرسان ھادثي ۾ ن ليگ ضلعي سجاول جو صدر وڪيل لال بخش جتوئي فوت

جھوڪ شريف ڀرسان ھادثي ۾ ن ليگ ضلعي سجاول جو صدر وڪيل لال بخش جتوئي فوت

سجاول (رپورٽر) جھوڪ شريف ڀرسان افسوسناڪ ٽرئفڪ حادثي ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) ضلعي سجاول جو صدر وڪيل لال بخش جتوئي فوت ٿي ويو، جڏهن تہ ٻہ ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. حادثو جھوڪ شريف ويجهو ٻڍو اسٽاپ وٽ پيش آيو، جتي تيز رفتار ڪار بي قابو ٿي روڊ تي بيٺل روڊ رولر سان ٽڪرائجي وئي. حادثي ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) ضلعي سجاول جو صدر ايڊووڪيٽ لال بخش جتوئي فوت ٿي ويو. جڏھن تہ ڪار ۾ سوار حنيف جتوئي ۽ نور احمد جتوئي سخت زخمي ٿي پيا، جن کي تعلقي اسپتال ميرپور بٺورو ۾ شروعاتي طبي امداد ڏيڻ بعد وڌيڪ علاج لاءِ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. لال بخش جتوئي جي لاڏاڻي تي پاڪستان مسلم ليگ (ن) سنڌ جي سينيئر نائب صدر علي اڪبر گجر ايڊووڪيٽ لال بخش جتوئي جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. حادثي کان پوءِ علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانيل آهي. ڪالھ صبح جھوڪ شريف ۾ لال بخش جتوئي جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنھن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن، وڪيلن، صحافين ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.