پوليس وڏي نفري سان علائقي ۾ داخل ٿي هوائي فائرنگ ڪري خوف ۽ حراس ڦهلايو: رشيد سومرو جا وارث
ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي) ڪينجهر لڳ علي بحر واري علائقي مان ٽي ڏينهن اڳ مبينا طور پوليس چڙهائي دوران کنڀي گم ڪيل نوجوان رشيد احمد سومرو کي اڃا تائين ڪنهن به ٿاڻي يا عدالت ۾ ظاهر نه ڪرڻ خلاف سندس وارثن عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو. پريس ڪانفرنس دوران وارثن الزام هنيو ته پوليس وڏي نفري سان علائقي ۾ داخل ٿي هوائي فائرنگ ڪري خوف ۽ حراس ڦهلايو، جنهن بعد نوجوان رشيد احمد سومرو کي زبردستي کنڀي پاڻ سان گڏ وٺي وئي، پر ٽن ڏينهن گذرڻ باوجود کيس قانون موجب ڪنهن به هنڌ پيش يا ظاهر نه ڪيو ويو آهي. وارثن جو چوڻ هو ته کين خدشو آهي ته سندن نوجوان کي غيرقانوني حراست ۾ رکي سخت جسماني ۽ ذهني تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، جنهن سبب سندس حياتي کي پڻ سخت خطرو لاحق آهي. هنن چيو ته جيڪڏهن رشيد احمد سومرو کي ڪنهن به قسم جو نقصان پهتو ته ان جي سموري ذميواري لاڳاپيل پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي هوندي. پريس ڪانفرنس ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته پوليس نوجوان کي کنڀي گم ڪرڻ کانپوءِ سندن خاندان ۽ علائقي جي 11 کان وڌيڪ معززين خلاف ڊيوٽي ۾ مداخلت ۽ ڊيوٽي اٽڪاءُ جو مبينا ڪوڙو ڪيس پڻ داخل ڪيو آهي. وارثن دعويٰ ڪئي ته ايف آءِ آر ۾ هڪ اهڙي شخص کي به نامزد ڪيو ويو آهي، جيڪو پنج سال اڳ فوت ٿي چڪو آهي، جنهن مان واضح ٿئي ٿو ته ڪيس بي بنياد ۽ حقيقتن جي ابتڙ تيار ڪيو ويو آهي. سندن چوڻ هو ته بيگناهه ماڻهن کي سياسي يا ذاتي بنيادن تي نشانو بڻائڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ قانون ۽ انصاف جي کليل خلاف ورزي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته رشيد احمد سومرو کي فوري طور عدالت ۾ پيش ڪري آزاد ڪيو وڃي، جڏهن ته سندس مبينا گمشدگي، غيرقانوني حراست ۽ ڪوڙي ايف آءِ آر بابت شفاف جاچ ڪرائي وڃي. وارثن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي ٺٽو سميت ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي غيرجانبدار جاچ ڪرائي وڃي، مبينا طور ملوث پوليس اهلڪارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ متاثر خاندان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي. هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سندن نوجوان کي جلد بازياب نه ڪيو ويو ته هو احتجاج جو دائرو وڌائيندا ۽ قانوني توڙي جمهوري طريقي سان پنهنجي جدوجهد جاري رکندا.
0 تبصرے