English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گڏاپ ۾ ڌرم داس جي گهر تي ڌاڙي خلاف ابراهيم حيدري ۾ احتجاج
12 views
|
14th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)گڏاپ ۾ شهري ڌرم داس جي گهر ۾ ٿيل هٿياربند ڌاڙي خلاف ابراهيم حيدري ۾ اقليتي برادري ۽ علائقي واسين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪري سخت نعريبازي ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته ڌاڙي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري ڦر ٿيل سون، روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان هٿ ڪري متاثر خاندان کي واپس ڪيو وڃي.احتجاج جي اڳواڻي اقليتي برادري جي معزز اڳواڻ ۽ ڪائونسلر مکي اوڌا مل سميت ٻين سماجي اڳواڻن ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي مکي اوڌا مل چيو ته گڏاپ ۾ ٿيل ڌاڙو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي تي وڏو سوال آهي. هن ٻڌايو ته واقعي کانپوءِ پيپلز پارٽي جي چونڊيل نمائندن سان گڏ آءِ جي سنڌ سان پڻ ملاقات ڪئي وئي، جتي جوابدارن جي جلد گرفتاري جي خاطري ڪرائي وئي، پر افسوس جو اڃا تائين ڪا به عملي اڳڀرائي نظر نه آئي آهي هن چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي جو هٿياربند ڦورو ڏينهن ڏٺي شهري جي گهر ۾ داخل ٿي گهر ڀاتين کي يرغمال بڻايو، عورتن ۽ ٻارن کي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ ڪروڙين روپين جي ماليت جو سون، روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦري آساني سان فرار ٿي ويا، جڏهن ته پوليس وقت سر نه پهتي مظاهرين چيو ته جيڪڏهن جوابدار جلد گرفتار نه ڪيا ويا ۽ ڦر ٿيل مال برآمد نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ اعليٰ اختيارين جي آفيسن آڏو ڌرڻا هنيا ويندا. هنن سنڌ حڪومت، آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي ملير کان مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي متاثر خاندان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي ته جيئن علائقي ۾ وڌندڙ بدامني تي ضابطو آڻي سگهجي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Jul 2026
•
پاکستان
ایبٹ آباد کے ادیب و محقق اردو ادب کے استاد قمرزمان، ڈاکٹر قمرزمان بن گئے
14th Jul 2026
•
سندھ
حیدرآباد میں ایس ایس پی آفس کی جونیئر کلرک ماریا ساریو ملازمت سے برطرف
14th Jul 2026
•
تازہ ترین
”وہ دن گزر گئے“، حملہ ہوا تو پوری طاقت سے جواب دیں گے: نیتن یاہو کی ایران کو دھمکی
14th Jul 2026
•
تازہ ترین
ٹرمپ کا آبنائے ہرمز سے متعلق بڑا فیصلہ، خلیجی ممالک کے ساتھ تجارت اور سرمایہ کاری کے معاہدوں کا اعلان
14th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي ۾ قتل جي الزام هيٺ آيل ڌر جو ايئرپورٽ روڊ تي ڌرڻو
14th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻو: ڳوٺ بگن ڪورائي ۾ نوجوان زاهد پٽ ٻڍل ڪورائي قتل
14th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ڄامشورو: ڪراچي موري وٽ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ رڪشا ڊرائيور قتل
14th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
نئون ڳوٺ ڀرسان نوجوان ڪهاڙيون هڻي قتل، لاش ميهڙ اسپتال منتقل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گڏاپ ۾ ڌرم داس جي گهر تي ڌاڙي
0 تبصرے