ڳوٺ بگن ڪورائي ۾ هٿياربندن گهر ۾ گهڙي زاهد پٽ ٻڍل ڪورائي کي قتل ڪري فرار ٿي ويا
لاڙڪاڻو (بيورو) لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ بگن ڪورائي ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو لاڙڪاڻي شهر ڀرسان پير شير ٿاڻي جي حد ڳوٺ بگن ڪورائي ۾ رات جي پوئين پهر ۾ هٿياربند گهر گهڙي فائرنگ ڪري زاهد پٽ ٻڍل ڪورائي کي قتل ڪري فرار ٿي ويا وارثن اهڙو اطلاع حد جي پوليس کي ڏنو ويو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل وٺي لاش کڻائي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ان حوالي سان پير شير پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته مقتول جو پنهنجي ذات جي باشو ڪورائي واري ڌر سان ڪارنهن جو معاملو ٿيو هو جنهن فيصلو سال 2012 ۾ ٿيو هو فيصلي کان پوءِ ڪارنهن الزام هڻدڙ باشو ڪورائي واري ڌر زاهد ڪورائي کي گهر ۾ گهڙي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو ٻئي طرف اسپتال انتظاميه ضروري ڪارروائي بعد نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جنھن جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو
0 تبصرے