لاڙڪاڻي ۾ قتل جي الزام هيٺ آيل ڌر جو ايئرپورٽ روڊ تي ڌرڻو

لاڙڪاڻي ۾ قتل جي الزام هيٺ آيل ڌر جو ايئرپورٽ روڊ تي ڌرڻو

لاڙڪاڻو(بيورو) لاڙڪاڻي شهر جي الھ آباد محلي واسي ڀاڻيجي جي مبينا قتل جي الزام هيٺ آيل سڪندر جتوئي وارثن سان گڏجي ايئرپورٽ تي رڪاوٽون وجهي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي وئي جتي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي ان حوالي سان الزام هيٺ آيل سڪندر جتوئي دانهيندي چيو ته ڪجھ هفتا اڳ ڀاڻيجي خادم حسين جتوئي کي پنهنجي پي صاحب خان جتوئي ملڪيت جي معاملي تان قتل ڪرايو هو جنهن قتل ۾ ملوث صاحب ديدار باقر ۽ ٻيا ملوث آهن پوليس ڪوڙي رپورٽ جاري ڪري ڀاء حسين جتوئي کي گرفتار ڪري ڇڏيو آهي مخالف ڌر گهرن ۾ گهڙي ڀنڃ ڊاھ ڪئي آهي هن پوليس اختيارين کي اپيل ڪئي ته معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي قتل ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي