English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جونيئر سائنس ٽيچرز جي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن جا مظاهرا
12 views
|
15th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ، سکر، نوابشاهه، ڪنڌڪوٽ، دادو، خيرپور ۽ ٻين شهرن ۾ اميدوارن پاران آفر آرڊر نه ملڻ خلاف مظاهرا
ڪراچي (رپورٽرز وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جونيئر سائنس ٽيچرز جي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن پاران مظاھرا ڪيا ويا، عمرڪوٽ، سکر، نوابشاهه، ڪنڌڪوٽ، دادو، خيرپور ۽ ٻين شهرن ۾ اميدوارن پاران آفر آرڊر نه ملڻ خلاف مظاهرا ڪيا واي، جونيئر سائنس ٽيچر (JST) 2026 جي ڀرتي پاليسي خلاف اميدوارن عمرڪوٽ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري حڪومت سنڌ، وڏي وزير سنڌ ۽ تعليم کاتي کان پاسنگ مارڪون گهٽائڻ، سائنس ٽيچرن جون سيٽون وڌائڻ ۽ اهل اميدوارن کي روزگار فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، احتجاج جي اڳواڻي اويس مراد ڪنڀر، جاويد اقبال راهمون، شاهد ڪپري ۽ وقار پنهور ڪئي، مظاهرين هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي ڪئي ۽ چيو ته جونيئر سائنس ٽيچر (JST) 2026 لاءِ ورتل ٽيسٽ ماضي جي ڀيٽ ۾ انتهائي ڏکي هئي، تنهن هوندي به هزارين اميدوارن 40 يا ان کان وڌيڪَ مارڪون حاصل ڪيون، پر پاسنگ مارڪون اوچتو 55 سيڪڙو مقرر ڪرڻ سبب ڪيترائي قابل اميدوار ڀرتي جي عمل کان ٻاهر ٿي ويا آهن، مظاهرين جو چوڻ هو ته ماضي ۾ PST ۽ JEST جي ڀرتين دوران 40 ۽ ڪجهه حالتن ۾ 33 مارڪون حاصل ڪندڙ اميدوارن کي به اهل قرار ڏئي مقرر ڪيو ويو هو، تنهن ڪري JST لاءِ پاسنگ مارڪون 55 سيڪڙو مقرر ڪرڻ سنڌ جي پڙهيل لکيل نوجوانن سان ناانصافي آهي، هنن چيو ته سرڪاري اسڪولن ۾ سائنس جي استادن جي سخت کوٽ آهي، اهڙي صورتحال ۾ پاسنگ مارڪون وڌائڻ سان نه رڳو ڪيترين ئي سيٽن جي خالي رهڻ جو امڪان آهي، پر تعليمي نظام پڻ متاثر ٿيندو، احتجاج ڪندڙ اميدوارن مطالبو ڪيو ته جونيئر سائنس ٽيچر (JST) جون پاسنگ مارڪون 55 سيڪڙو مان گهٽائي 40 سيڪڙو ڪيون وڃن، سائنس استادن جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ JST جون سيٽون وڌايون وڃن، 40 يا ان کان وڌيڪَ مارڪون حاصل ڪندڙ سمورن اميدوارن کي آفر ليٽر جاري ڪيا وڃن ۽ سنڌ جي نوجوانن لاءِ روزگار جا منصفاڻا موقعا يقيني بڻايا وڃن، مظاهرين حڪومت سنڌ، وڏي وزير سنڌ ۽ تعليم کاتي کي اپيل ڪئي ته ڀرتي پاليسي تي فوري نظرثاني ڪري اهڙو فيصلو ڪيو وڃي، جنهن سان قابل اميدوارن کي انصاف ملي، سرڪاري اسڪولن ۾ سائنس استادن جي کوٽ ختم ٿئي ۽ شاگردن جو تعليمي مستقبل محفوظ بڻجي. ٻي طرف سکر ۾ تعليمي کاتي ۾ جونيئر سائنس ٽيچر لاءِ آئي بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن تعليم کاتي خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرين تعليم کاتي واري صوبائي وزير سيد سردار شاهه، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سيد اويس قادر شاهه کان مطالبو ڪيو آهي ته 50 مارڪن کان وڌيڪ مارڪون کڻي پاس قابل نوجوانن کي به جونيئر سائنس ٽيچر جا آرڊر ڏئي انهن ۾ پئدا ٿيو بيچيني ۽ پريشاني واري لهر ختم ڪئي وڃي. ھوڏانھن پريس ڪلب ڪنڌ ڪوٽ آڏو جونيئر سائنس ٽيچر ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن جو پاس مارڪون گهٽ ڪرڻ لاءِ احتجاج ان سلسلي ۾ اميدوارن منصور علي جکراڻي آفتاب احمد ميراڻي ياسر کوسو اسدﷲ ملڪ مختيار جاگيراڻي اعجاز احمد اوڳاهي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت سائنس ٽيچر پاس اميدوارن متعلق پاليسي ۾ تبديلي آڻي لکين اميدوارن سان ناجائزي ڪرڻ مثل آھي سنڌ حڪومت جي نئين پاليسي موجب پاسنگ مارڪون 55 مقرر ڪيون اھن جڏھن ته گذريل آء بي اي ٽيسٽ ۾ مارڪون ھارڊ ايريا جو سبب ڄاڻائي مقرريون ڪيون اسان جو وزير تعليم سميت اعلي اختيارين کان مطالبو آھي ته پاسنگ مارڪون 50 مقرر ڪري ھزارين اميدوارن ۾ پيدا ٿيل بي چيني ختم ڪئي وڃي، دادو ۾ جونئير سائينس ٽيچرس پاس اميدوارن احتجاج ڪيو، مظاهرين علامه آء آء قاضي لائبريري کان دادو پريس ڪلب ۽ پريس ڪلب کان پاڪستان پيپلزپارٽي ضلع آفيس دادو تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو مظاهرين هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي مطالبو ڪيو ته 50 کان وڌيڪ مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي پاس قرار ڏئي ميرٽ لسٽ ۾ شامل ڪيو وڃي مظاهرين سرمد ڀرٽ، عاشق علي فيصل ناريجو، رشيد جمالي ۽ ٻين سخت نعري بازي ڪئي مظاهرين ايم پي اي دادو ضلع صدر پاڪستان پيپلزپارٽي هائوس ۾ اندر پلي ڪارڊ کڻي پڻ مطالبو ڪيو مظاهرين اپيل ڪئي ته سموري سنڌ ۾ جونئير سائنس ٽيچرس ۾ 50 کان 54 مارڪن کڻندڙ 5200 اميدوار آهن، جن کي پاڪ ڪري سمورن کي ميرٽ لسٽ ۾ شامل ڪيو وڃي نوجوانن اپيل ڪئي ته مهنگائي سبب نوجوان خودڪشين ڪرڻ تي مجبور آهن، ايم پي اي پيرمجيب الحق جي غير موجڳدگي سبب مظاهرين سان ڪنهن به ملاقات نه ڪئي مسئلا پڻ نه ٻڌا ويا، خيرپور ۾ تعيلم کاتي ۾ جونيئر سائنس ٽيچرس لاءِ 50 کان 54 سيڪڙو مارڪون کڻندڙ اميدوارن پاران ڪورٽ روڊ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب خيرپور آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي احتجاج جي اڳواڻي علي حيدر وساڻ، ڪاشف علي سولنگي، ساماڻو خان اُڄڻ، فراز ڪُٻر ۽ ٻيا ڪري رهيا هُئا ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سال 2021ع ۾ PST ۽ JEST جي اميدوارن کي 32، 33 ۽ 40 مارڪن تي پاس ڪري ڀرتي ڪيو ويو جڏهن ته جونيئر سائنس ٽيچر جي موجوده ٽ ۾ اسان 50 کان 54 مارڪون حاصل ڪيون آهن جيڪي معياري ۽ اطمينان بخش نتيجا آهن هنن چيو ته سنڌ حڪومت ٽيچنگ لائسنس ٽيسٽ سميت ٻين امتحانن ۾ به 50 کان وڌيڪ مارڪن کي معيار مقرر ڪيو آهي تنهن ڪري جونيئر سائنس ٽيچر جي ڀرتين لاءِ به پاسنگ مارڪس 50 مقرر ڪيا وڃن مظاهرين وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ تعليم کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاھ، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سيد اويس قادر شاھ کان مطالبو ڪيو ته جونيئر سائنس ٽيچر 2026ع جي ڀرتين ۾ 50 پاسنگ مارڪس مقرر ڪري اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏنو وڃي جڏهن ته 5,200 سيٽن ۾ واڌ ڪري سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ سائنس استادن جي کوٽ ختم ڪئي وڃي جيئن شاگردن کي معياري سائنسي تعليم ملي سگهي. نوابشاھ ۾ تعيلم کاتي ۾ سائنس ٽيچرس لاءِ پنجاھ ۽ چاليھ سيڪڙو کان مٿي مارڪون کڻندڙ اميدوارن پاران نوابشاهه پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو مظاھري جي اگواڻي نفيس رند، امان الله، عبيدالله چانڊيو ۽ ٻين ڪئي مظاھري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته تعيلم کاتي سائنس ٽيچرس لاءِ پاس مارڪس 55 سيڪڙو رکي ظلم ڪيو آھي ھنن چيو ته اسان سڀ نوجوان گريجوئيٽ ۽ هوشيار آھيون ان ڪري سائنس ٽيچرس کي پنجاھ سيڪڙو ۽ چاليھ سيڪڙو مارڪون کڻندڙ سمورن نوجوانن کي آفر آرڊر ڏنا وڃن ھنن چيو ته ھڪ سنڌ ھڪ پاليسي ھجڻ گھرجي ھنن اعلا اختيارين کان مطالبو ڪيو ته 40 کان 54 مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي به پاس ڪيو وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Jul 2026
•
تازہ ترین
ڈاکٹر آکاش قتل کیس میں اہم پیش رفت، 3 ملزمان گرفتار
15th Jul 2026
•
شوبز
عامر خان کی شادیوں کو ’’لو جہاد‘‘ قرار، ہندو انتہا پسند رہنما نے اداکار کے قتل پر 5 کروڑ روپے انعام کا اعلان کر دیا
15th Jul 2026
•
تازہ ترین
امریکا کا ایران میں میزائل مرکز اور بحری دفاعی نظام پر حملے کا دعویٰ، ویڈیو جاری
15th Jul 2026
•
پاکستان
سمندر پار پاکستانیوں سے متعلق حکومتی پالیسی تبدیل، زائدالمیعاد نیکوپ پر ملک میں داخلہ بند
15th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
جيئي سنڌ محاذ پاران پريا ڪماري ۽ ٻين ٻارڙن جي بازيابي لاءِ آچر تي سڄي سنڌ ۾ مظاھرن جو اعلان
15th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ ڳوٺ سومراڻي جي رهواسين جو زمين تي مبينا قبضي خلاف احتجاج
15th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جونيئر سائنس ٽيچرز جي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن جا مظاهرا
15th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ابراهيم حيدري ۾ سنڌ گورنمينٽ اسپتال جي نئين عمارت جو بنياد رکيو ويو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جونيئر سائنس
0 تبصرے