قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي مختلف شھرن ۾ ريليون ۽ گڏجاڻيون

انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي جي کوٽ سبب ساحلي پٽي ۾ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي: اڳواڻ

قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي مختلف شھرن ۾ ريليون ۽ گڏجاڻيون

حيدرآباد/نصير آباد(رپورٽرز وٽان) سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، سنڌو درياھ تي ڌاڙي، 28ھين ترميم، ڪرپشن، سنڌ ٽوڙڻ جي سازش، اجالا پروين ۽ پريا ڪماري جي اغوا، ڪاروڪاري سميت سنڌ دشمن منصوبن خلاف متحد ۽ مضبوط سنڌ جي عنوان سان 37 ھين ڏينھن بہ اڄ سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ريلي ۽ ڪارنر گڏجاڻيون منعقد ڪيون ويون. ان سلسلي ۾ هوسڙي شهر ۾ قومي عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي صدر نظير بليدي، نور حسن جمالي، بابو سولنگي، جمن سولنگي،قدرت الله باچڪاڻي،سرور ملاح، شڪور احمد، علي نواز سولنگي پپو سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. نصير آباد ۾ متحد ۽ مضبوط سنڌ رابطا مهم جي سلسلي ڳوٺ راضي خان جھتيال، ڳوٺ لوڌي مسڻ ۾ ڪارنر گڏجاڻيون منعقد ڪيون ويون ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ اسد سنڌي، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عبدالحفيظ تونيو ۽ ٻين خطاب ڪيو. سڀاڻي (اڄ) ڳوٺ راضي خان جھتيال کان ڳوٺ لودي مسڻ تائين متحد ۽ مضبوط سنڌ پيادل مارچ ڪڍيو ويندو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ پنجاب غنڊه گردي ۽ ڏاڍ مڙسي ذريعي سنڌ جو پاڻي چوري ڪري رهيو آهي. انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي جي کوٽ سبب ساحلي پٽي ۾ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. سارين، ڪمند، وونئڻ، مرچن سميت ٻيا فصل سڪي تباھ ٿي ويا آهن ۽ سنڌ حڪومت خاموش تماشائي بڻيل آهي. ارسا ۽ پنجاب سنڌ جي زراعت کي تباھ ڪرڻ چاهين ٿا. سنڌ جي پاڻي، زمينن ۽ وسيلن تي ڌاڙا هنيا پيا وڃن. پيپلزپارٽي ۽ ڪرپٽ سنڌ حڪومت سنڌ کي نيلام گهر بڻائي ڇڏيو آهي. اڳواڻن چيو تہ پيپلزپارٽي سنڌين کي ذات، برادري، نسل، قبيلي، فرقي ۽ عقيدي جي نالي ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. پيپلز پارٽي چاھي ٿي تہ سنڌ جا ماڻهو هڪٻئي سان وڙهن تہ جيئن اهي سنڌو درياءَ، پاڻي، قدرتي وسيلا، زمينون، گئس، تيل، ڪوئلو، شهر، ٽيڪس، بندرگاھ، جبل، معدنيات، ٻيٽ ۽ سنڌ جي هر شيءِ وڪڻي ڇڏيون .سنڌ دشمن چاهين ٿا تہ سنڌ ۾ بي پناھ ڪرپشن هجي، گورننس برباد هجي، علم، صحت، زراعت، ميرٽ سڀ تباه هجن، نوڪريون وڪامنديون رهن. اڳواڻن چيو تہ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ سبب بيٺل فصل سڪي سڙي رهيا آهن. هاري ۽ آبادگار معاشي بدحالي جو شڪار آهن. اسان ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي سازش ڪڏهن بہ ڪامياب ٿيڻ نہ ڏينداسين. سنڌ ٽوڙڻ جي سازش ملڪ سان دشمني آهي.