جي يو آءِ جي انڪوائري ڪميٽي پاران قاري حمدالله حقاني تي لڳل الزام بي بنياد قرار

جي يو آءِ جي انڪوائري ڪميٽي پاران قاري حمدالله حقاني تي لڳل الزام بي بنياد قرار

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) سنڌ جي اعليٰ سطحي انڪوائري ڪميٽي، جي يو آءِ گڏاپ ٽائون جي ناظمِ اعليٰ ۽ ضلعي ملير جي نائب امير قاري حمدالله حقاني خلاف لڳايل سمورن الزامن کي بي بنياد، ڪوڙا ۽ من گهڙت قرار ڏيندي کين مڪمل طور بي ڏوهه قرار ڏئي ڇڏيو آهي تفصيلن موجب عيدالفطر 2026ع جي موقعي تي لاڙڪاڻي ۾ ڪجهه صحافين، وڪيلن ۽ ٻين ماڻهن پاران جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري علامه راشد محمود سومرو آڏو قاري حمدالله حقاني خلاف مختلف شڪايتون ۽ الزام پيش ڪيا ويا هئا. جنهن بعد صوبائي قيادت جي هدايت تي 13 اپريل 2026ع تي جاچ مڪمل ٿيڻ تائين کين تنظيمي ذميوارين، يعني جي يو آءِ گڏاپ ٽائون جي ناظمِ اعليٰ ۽ ضلعي ملير جي نائب امير جي عهدن تان عارضي طور معطل ڪيو ويو هو شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ لاءِ 26 اپريل 2026ع تي جي يو آءِ سنڌ جي ناظمِ اعليٰ علامه راشد محمود سومرو هڪ اعليٰ سطحي انڪوائري ڪميٽي جوڙي، جنهن جي سربراهي جي يو آءِ سنڌ جي نائب امير قاري محمد عثمان ڪئي جڏهن ته ڪميٽي جي ٻين ميمبرن ۾ مولانا محمد غياث، مولانا سميع الحق سواتي ۽ مولانا احسان الله ٽڪروي شامل هئاانڪوائري ڪميٽي سمورن الزامن ۽ شڪايتن جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ الزام هڻندڙ ماڻهن سان ڪيترائي ڀيرا رابطو ڪري کين پنهنجن دعوائن جي حمايت ۾ ثبوت پيش ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو. پر حيرت انگيز طور ڪنهن به شڪايت ڪندڙ نه ڪميٽي آڏو پيش ٿيو ۽ نه ئي ڪنهن به الزام جي حمايت ۾ ڪو ثبوت مهيا ڪري سگهيو ڪميٽي پنهنجي گڏيل ۽ متفقه رپورٽ ۾ واضح ڪيو آهي ته قاري حمدالله حقاني خلاف لڳايل سمورا الزام سراسر ڪوڙا، بي بنياد ۽ من گهڙت آهن ۽ انهن جي حمايت ۾ ڪو به معتبر ثبوت موجود ناهي قاري حمدالله حقاني ان موقعي تي الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪندي جي يو آءِ سنڌ جي قيادت، خاص طور علامه راشد محمود سومرو ۽ انڪوائري ڪميٽي جي ميمبرن جا شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته هو اڳتي به جماعتي نظم و ضبط، ديني ۽ سماجي خدمتن توڙي عوامي ڀلائي جي مشن کي وڌيڪ جذبي سان جاري رکندا.