نوشھروفيروز ۾ خوراڪ کاتي جي چوڪيدار تي مبينا تشدد خلاف احتجاج

خوراڪ کاتي جي چوڪيدار عزيز ٻرڙو تي مورو جي اي سي نعيم وسطڙو جي تشدد جي مذمت ڪريون ٿا: مظاھرين

نوشھروفيروز ۾ خوراڪ کاتي جي چوڪيدار تي مبينا تشدد خلاف احتجاج

نوشهرو فيروز(ڊر)خوراڪ کاتي جي چوڪيدار تي اي سي جي تشدد خلاف احتجاجي مظاهرو سڀاڻي سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو اعلان، تفصيل موجب مورو ۾ خوراڪ کاتي جي چوڪيدار عزيز ٻرڙو تي مورو جي اي سي نعيم وسطڙو پاران سخت تشدد ڪيو ويو، جنهن ۾ سبب هو سخت زخمي ٿي پيو، کيس مورو جي اسپتال ۾ داخل ڪرڻ کان پوءِ حالت خراب ٿيڻ تي نوابشاھ اسپتال منتقل ڪيو ويو، چوڪيدار تي تشدد خلاف فوڊ ايمپلائيز فيڊريشن اي سي مورو جي سخت مذمت ڪئي آهي ۽ تشدد جي واقعي خلاف سڀاڻي (اڄ) سڄي سنڌ ۾ ڀرپور احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. فوڊ ایمپلائیز فیڊریشن جی مرڪزي صدر جاوید یونس راجپر، ضلع صدر محمد بخش گوپانگ، مختیار ڪلهوڙو، سید شڪیل احمد شاهه، نوید عمراٹي چیو تہ اي سي مورو نشي ۾ ڌت ٿي ڪري ملازمن سان بدتميزي ڪئي ۽ عزيز ٻرڙو کي تشدد جو نشانو بڻايو سندس اهڙي بدمعاشي تي سڀاڻي (اڄ ) پوري سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو.