English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول ضلعي ۾ ھڪ کان 4 گريڊ جي نوڪرين جي ڀرتي لاءِ ورتل انٽرويوز بدنظمي جو شڪار
134 views
|
20th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول (گلشيرميربحر)ضلع سجاول ۾ گريڊ هڪ کان چار تائين مختلف سرڪاري کاتن ۾ خالي پيل نوڪرين تي ڀرتين جي سلسلي ۾ ضلع انتظامیہ پاران تعليم کاتي ۾ لوئر گريڊ جي نوڪرين لاءِ ورتل انٽرويوز سخت بدنظمي جو شڪار بڻجي ويا، جنهن خلاف اميدوارن بوائز هاءِ اسڪول سجاول آڏو حيدرآباد ـ ٽنڊو محمد خان روڊ تي ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو ۽ ڀرتي واري عمل جي شفافيت تي سوال اٿاريا. تفصيل موجب تعليم کاتي ۾ پرائمري شعبي جي 138 ۽ سيڪنڊري شعبي جي 58 لوئر گريڊ آسامين لاءِ ضلعي جي مختلف علائقن چوهڙ جمالي، شاه بندر، ميرپور بٺورو، جاتي، دڙو، ٻيلو ۽ ٻين ڳوٺن مان هزارين اميدوار انٽرويو ڏيڻ لاءِ بوائز هاءِ اسڪول سجاول پهتا. غيرمعمولي رش سبب انٽرويو سينٽر بوائز ھائي اسڪول سجاول تي افراتفري واري صورتحال پيدا ٿي وئي، جڏهن ته انتظام ناڪافي هئڻ ڪري انٽرويو جو عمل متاثر ٿيو. شديد رش سبب انٽرويو جو عمل عارضي طور روڪيو ويو ۽ انٽرويو وٺندڙ عملو رڪارڊ ۽ ٻين دستاويزن سميت اتان هليو ويو. ان دوران 33 سالن کان وڌيڪ عمر وارن اميدوارن کي به واپس وڃڻ لاءِ چيو ويو، جنهن تي اميدوارن سخت احتجاج ڪندي روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو. احتجاج ڪندڙن نعمان ڪنڀار، علي اصغر خاصخيلي، عظيم درس، غلام عباس خاصخيلي، قربان علي ميربحر، سيد احسان شاهه، دلشاد پٺاڻ، شهباز چانڊيو ۽ ٻين الزام هنيو ته ڪجهه اميدوارن کان باقاعده انٽرويو وٺڻ بدران رڳو صحيحون ڪرائي واپس موڪليو ويو، جنهن سبب ڀرتي واري عمل جي شفافيت تي سنجيده سوال پيدا ٿيا آهن. احتجاج ڪندڙن وڌيڪ الزام هنيو ته جيڪڏهن ڀرتيون سفارش يا رشوت جي بنياد تي ڪرڻيون هيون ته پوءِ هزارين بيروزگار نوجوانن کي انٽرويو لاءِ گهرائڻ جو ڪو جواز نه هو. جڏھن تہ اميدوارن پاران پنهنجي انهن الزامن جي حمايت ۾ ڪو ثبوت پيش نه ڪيو ويو ھو. مظاهرين مطالبو ڪيو ته گريڊ هڪ کان چار تائين ٿيندڙ سڀئي ڀرتيون مڪمل شفافيت، ميرٽ ۽ برابري جي بنياد تي ڪيون وڃن ته جيئن ڪنهن به اميدوار سان ناانصافي نه ٿئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
10th Sep 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٹک ٹاک کی دنیا میں ایک منفرد آواز، برکت خان عرف ’’کنگال گروپ آف پاکستان‘‘، پشتو مزاح اور ثقافتی رنگ کے ذریعے نئی شناخت بنانے والے نوجوان کریئیٹر
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
10th Sep 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٹک ٹاک کی دنیا میں ایک منفرد آواز، برکت خان عرف ’’کنگال گروپ آف پاکستان‘‘، پشتو مزاح اور ثقافتی رنگ کے ذریعے نئی شناخت بنانے والے نوجوان کریئیٹر
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سجاول ضلعي ۾ ھڪ کان 4 گريڊ جي نو
0 تبصرے