سجاول ۾ نوجوان شاگرد ماڻڪ لغاري جي آزادي لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

ماڻڪ لغاري جي گمشدگي سبب سندس وارث سخت ذهني اذيت ۽ پريشاني ۾ مبتلا آهن: اڳواڻ

سجاول ۾ نوجوان شاگرد ماڻڪ لغاري جي آزادي لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

سجاول (رپورٽر)سجاول ۾ نوجوان شاگرد ماڻڪ لغاري جي حيدرآباد پوليس هٿان مبينا گمشدگي خلاف وارثن، قومي، سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن سميت شهرين مامون لاڏو چوڪ کان پبلڪ پارڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ۽ نوجوان شاگرد جي فوري بازيابي جو مطالبو ڪيو. احتجاجي ريلي ماڻڪ لغاري جي والد ۽ قومي ڪارڪن نظير لغاري جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي. ريلي ۾ وڏي انگ ۾ شهري، نوجوان، قومي، سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن شرڪت ڪئي. مظاهرين هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي "مانڪ لغاري کي بازياب ڪيو" جا زوردار نعرا هنيا.پبلڪ پارڪ پهچڻ بعد ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي کي خطاب ڪندي نظير لغاري، محمد خان پٺاڻ، ممتاز ساند، سلطان کوسو ۽ ٻين چيو ته ماڻڪ لغاري جي گمشدگي سبب سندس وارث سخت ذهني اذيت ۽ پريشاني ۾ مبتلا آهن، تنهن ڪري لاڳاپيل ادارا فوري طور نوجوان کي بازياب ڪرائي وارثن جي بيچيني ختم ڪن. مظاهرين مطالبو ڪيو ته مانڪ لغاري جي محفوظ ۽ جلد بازيابي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ واقعي جي شفاف جاچ ڪري ذميوارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي. هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن نوجوان کي جلد بازياب نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪيو ويندو.