English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ضلعي ڪائونسل جي 99 ڪروڙ 82 لک 93 ھزار 223 رپين جي بجيٽ منظور
106 views
|
21st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ترقياتي منصوبن ۽ عوامي ڀلائيءَ تي خصوصي توجھ ڏني ويئي آهي: چيئرمين سهيل اختر عباسي
نوشهرو فيروز(ڊر)ضلعي ڪائونسل نوشهرو فيروز جو بجيٽ اجلاس، هڪ ارب رپين کان وڌيڪ جج بجيٽ منظور، ترقياتي منصوبن ۽ عوامي ڀلائيءَ تي خصوصي توجھ ڏني ويئي آهي، چيئرمين سهيل اختر عباسي تفصيل موجب ضلعي ڪائونسل نوشهرو فيروز جو بجيٽ اجلاس ڪائونسل ميمبر مسرور راڄپر ڪنوينر طور هلايو جنهن ۾ نوشهرو فيروز ضلعي لاءِ مالي سال 2026--27 لاءِ 99 ڪڙور 82 لک 93 هزار 223 رپين جو بجيٽ ايوان ۾ پيش ڪئي ويئي، جنهن کي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ ضلع ڪائونسل جي چونڊيل ميمبرن ۽ آفيسرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سالياني بجيٽ ۾ 3 ڪروڙ 5 لک 88 هزار 925 رپين جي بچت پڻ ظاهر ڪئي وئي. بجيٽ ۾ مختلف شعبن لاءِ هيٺيان فنڊ مختص ڪيا ويا. ملازمن جي پگهارن لاءِ 22 ڪروڙ 52 لک 36 هزار 776 رپيا، رٽائرڊ ملازمن جي پينشن لاءِ 9 ڪڙور 27 لک 62 هزار 596 رپيا، قومي ڏهاڙن جي تقريبن لاءِ 4 ڪڙور 50 لک رپيا، قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ 50 لک رپيا، ضلعي ۾ گندي پاڻي جي نيڪال ۽ مڇر مار اسپري مهم لاءِ 4 ڪروڙ 50 لک رپيا، خاص ماڻهن جي ڀلائيءَ لاءِ هڪ ڪڙور رپين مان سلائي مشينون فراهم ڪيون وينديون. عوامي تفريح، پارڪن جي بهتري ۽ وڻڪاريءَ لاءِ 66 لک رپيا ضلعي ڪائونسل جي نئين عمارت جي تعمير لاءِ 10 ڪروڙ رپيا، نون ترقياتي منصوبن لاءِ 30 ڪروڙ 80 لک رپيا، جاري ترقياتي اسڪيمن لاءِ 8 ڪروڙ 87 لک رپيا، پريس ڪلب لاءِ 10 لک رپيا، ضلعي ڪائونسل ڊسپينسري لاءِ 15 لک رپيا، سولر پينل سسٽم جي تنصيب لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا پڻ بجيٽ ۾ شامل ڪيا ويا. اجلاس کي خطاب ڪندي ضلع ڪائونسل چيئرمين سهيل اختر عباسي چيو ته هن بجيٽ جو مقصد ضلعي ۾ ترقياتي ڪمن کي تيز ڪرڻ، عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ فلاحي منصوبن کي مؤثر نموني سان مڪمل ڪرڻ آهي. اجلاس ۾ عبدالرزاق مبيجو، روشن وسطڙو، حاجي بخشل سهتو، اربيلو اوڏ، غلام حيدر ڀرٽ، ۽ ٻين شرڪت ڪئي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
10th Sep 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٹک ٹاک کی دنیا میں ایک منفرد آواز، برکت خان عرف ’’کنگال گروپ آف پاکستان‘‘، پشتو مزاح اور ثقافتی رنگ کے ذریعے نئی شناخت بنانے والے نوجوان کریئیٹر
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
10th Sep 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٹک ٹاک کی دنیا میں ایک منفرد آواز، برکت خان عرف ’’کنگال گروپ آف پاکستان‘‘، پشتو مزاح اور ثقافتی رنگ کے ذریعے نئی شناخت بنانے والے نوجوان کریئیٹر
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهروفيروز ضلعي ڪائونسل جي 99 ڪروڙ 82
0 تبصرے