English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: بُهه جي واپارين پاران لوڊنگ ۽ سپلائي بند ڪرڻ وارو اعلان
131 views
|
21st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
هڙتال جي پهرين ئي ڏينهن ڀينس ڪالوني ۽ ناگوري منڊي ۾ بُهه جون گاڏيون نه پهتيون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) بُهه جي واپار ڪندڙ تاجرن پاران سنڌ پوليس، موٽروي پوليس ۽ ٽريفڪ پوليس جي مبينا ڳرن چالانن، رشوت خوري ۽ بلاجواز تنگ ڪرڻ خلاف 20 تاريخ کان بُهه جي لوڊنگ ۽ سپلاءِ بند ڪرڻ واري اعلان کان پوءِ ڪراچي ۾ بُهه جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. واپاري اڳواڻن موجب هڙتال جي پهرين ئي ڏينهن ڀينس ڪالوني ۽ ناگوري منڊي ۾ بُهه جون گاڏيون نه پهتيون، جنهن سبب ٻئي منڊيون تقريباً خالي نظر آيون. هنن ٻڌايو ته هڪ اڌ بنڊل کڻي پهتل گاڏي کي به احتجاج طور خالي ڪرايو ويو، جنهن سبب مارڪيٽن ۾ بُهه جي فراهمي مڪمل طور متاثر ٿي آهي. تاجرن جو چوڻ آهي ته پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن طرفان بار بار ڳرا چالان ڪرڻ، مبينا رشوت طلب ڪرڻ ۽ بنا جواز تنگ ڪرڻ سبب هو سخت پريشان آهن، جنهن ڪري احتجاج طور سپلاءِ بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته جيڪڏهن سندن جائز مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويندو. واپارين خبردار ڪيو ته جيڪڏهن صورتحال جلد معمول تي نه آئي ته ڪراچي سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بُهه جي شديد کوٽ سبب مالوندن کي وڏين ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوندو، جڏهن ته کير جي پيداوار پڻ متاثر ٿيڻ جا امڪان آهن. بُهه جي واپارين سنڌ سرڪار، اعليٰ پوليس اختيارين ۽ لاڳاپيل ادارن کي اپيل ڪئي آهي ته معاملي جو فوري نوٽيس وٺي ساڻن ڳالهيون ڪيون وڃن، سندن جائز مسئلا حل ڪيا وڃن ۽ غير ضروري چالانن، مبينا رشوت خوري ۽ هراسان ڪرڻ واري عمل جو خاتمو آندو وڃي، جيئن بُهه جي سپلاءِ ٻيهر بحال ٿي سگهي ۽ شهر ۾ پيدا ٿيندڙ بحران کان بچي سگهجي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
06th Sep 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کی فیملی پکنک، وائلڈ وینچر واٹر پارک میں صحافیوں اور اہل خانہ نے یادگار دن گزارا
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
06th Sep 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کی فیملی پکنک، وائلڈ وینچر واٹر پارک میں صحافیوں اور اہل خانہ نے یادگار دن گزارا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: بُهه جي واپارين پاران لوڊنگ
0 تبصرے