English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گهگهر جي ڳوٺن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف علائقي واسين جو احتجاج
125 views
|
21st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
يوسي گھگھر آفيس جا دفتر بند، مسئلو حل نه ٿيو ته احتجاج جو دائرو وڌائڻ جي ڌمڪي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) يوسي گھگھر جي ٽنڊو ڳوٺ ۽ ناٿو کوسو ڳوٺ جي رهواسين پاڻي جي سخت کوٽ خلاف يوسي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري آفيس جا دفتر بند ڪرائي ڌرڻو هنيو. احتجاج ۾ مردن، عورتن ۽ نوجوانن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ پاڻي جي فراهمي بحال ڪرڻ لاءِ سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي رحيم کوسو ۽ ٻين چيو ته گذريل هڪ سال کان سندن ڳوٺ پاڻي جي شديد بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي، پر بار بار شڪايتن ۽ درخواستن باوجود لاڳاپيل اختيارين مسئلي جي حل لاءِ ڪو به عملي قدم نه کنيو آهي. هنن الزام هنيو ته چونڊيل نمائندا ۽ واسطيدار ادارا عوام جي بنيادي مسئلن کان لاتعلق بڻيل آهن، جنهن سبب رهواسي پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهن ۽ مهانگي اگهه تي پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، سندن چوڻ هو ته پاڻي نه هجڻ سبب روزاني زندگي سخت متاثر ٿي رهي آهي، جڏهن ته عورتن، ٻارن ۽ بزرگن کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. هنن مطالبو ڪيو ته پاڻي جي فراهمي کي فوري طور بحال ڪري مستقل بنيادن تي صاف پاڻي مهيا ڪيو وڃي، مظاهرين خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سندن جائز مطالبا جلد قبول نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسن سميت اهم شاهراهن تي به احتجاج ڪيو ويندو، جنهن جي سموري ذميواري لاڳاپيل اختيارين تي هوندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
10th Sep 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٹک ٹاک کی دنیا میں ایک منفرد آواز، برکت خان عرف ’’کنگال گروپ آف پاکستان‘‘، پشتو مزاح اور ثقافتی رنگ کے ذریعے نئی شناخت بنانے والے نوجوان کریئیٹر
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ

Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گهگهر جي ڳوٺن ۾ پاڻي ج
0 تبصرے