اي ڊي سي ون نوشھروفيروز محمد مستقيم قريشي، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر اختيار ميراڻي ۽ ٻيا شريڪ
نوشهروفيروز (ڊ ر)ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر (ون) نوشهروفيروز محمد مستقيم قريشي ڊي ايڇ او آفيس نوشهروفيروز ۾ ٻارن کي پوليو ۽ ٻين خطرناڪ بيمارين کان محفوظ بڻائڻ لاءِ ان ايڪٽيويٽيڊ پوليو ويڪسين (FIPV) جي خصوصي مهم بابت منعقد ٿيل آگاهي سيمينار ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. سيمينار ۾ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر اختيار حسين ميراڻي، چيئرمين ضلعي ڪائونسل سهيل اختر عباسي، عالمي صحت اداري (WHO) جي پي اي او ڊاڪٽر عبدالباري، يونيسيف (UNICEF) جي نمائندن، ڊاڪٽر عبدالستار بلال، ڊاڪٽر وجي ڪمار، صحت کاتي جي آفيسرن، فيلڊ اسٽاف ۽ مختلف يونين ڪائونسلن جي سيڪريٽرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي سيمينار کي خطاب ڪندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر محمد مستقيم قريشي چيو ته آءِ پي وي (IPV) ويڪسين ٻارن جي قوت مدافعت کي مضبوط ڪرڻ ۽ کين پوليو جهڙي معذور ڪندڙ وائرس کان مڪمل تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ انتهائي اهم آهي. هن هدايت ڪئي ته مهم دوران ضلعي جي هر اهل ٻار تائين ويڪسين جي پهچ کي يقيني بڻايو وڃي. هن هيلٿ ورڪرز ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرز تي زور ڀريو ته هو ٻهراڙي ۽ پري وارن علائقن ۾ گهر گهر وڃي والدين کي ويڪسين جي اهميت بابت آگاهه ڪن ۽ ويڪسين کان انڪار ڪندڙ والدين جا خدشا ختم ڪن. هن صحت کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته مهم دوران ويڪسينيٽرن جي حاضري ۽ ويڪسين جي فراهمي جي عمل جي سخت نگراني ڪئي وڃي ۽ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي. سيمينار دوران شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ضلعي ۾ چئن مهينن کان ڏهن سالن جي عمر وارن ٻارن کي جيٽ انجيڪٽر ذريعي پوليو کان بچاءَ واري ويڪسين ڏني ويندي. اها مهم ضلعي جي 10 يونين ڪائونسلن، خاص طور سنڌو درياهه سان لڳندڙ يونين ڪائونسلن ۾ شروع ڪئي ويندي. ان موقعي تي لاڳاپيل يونين ڪائونسلن جي چيئرمينن ۽ سيڪريٽرين کي هدايت ڪئي وئي ته هو پنهنجي علائقن جي ماڻهن ۾ مهم بابت آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪن. مهم دوران اسڪولن، صحت مرڪزن ۽ پاڙن توڙي گهٽين ۾ وڃي ٻارن کي ويڪسين فراهم ڪئي ويندي. سيمينار جي آخر ۾ سمورن شرڪت ڪندڙن کي اپيل ڪئي وئي ته هو مهم کي ڪامياب بڻائڻ ۽ عوام تائين ان جو پيغام پهچائڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن.
0 تبصرے