English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ھڱورجا ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شٽربند ھڙتال ۽ پنجھٽي چوڪ تي ڌرڻو
9 views
|
22nd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا (رپورٽر) ھڱورجا ۾ وڌندڙ بدامني جي خلاف شھرين جو احتجاجي پيادل امن مارچ. دوڪاندارن ڪاروبار بند ڪري ڇڏيو. پنجھٽي چوڪ تي ڌرڻو.پوليس انتظاميا خلاف سخت احتجاجي نعري بازي.پوليس ڏوھن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آھي.شھر ۾ ٿيل ڏوھ واپس ڪرائي امن بحال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ شھر ۾ اڻ ڄاتل مدي تائين شٽر بند ھڙتال ڪئي ويندي شھري اڳواڻن جو اعلان تفصيل موجب ھنڱورجا ۾ وڌندڙ بدامني جي خلاف سول سوسائٽي پاران پريس ڪلب ھنڱورجا کان سماجي اڳواڻ حافظ عبدالسلام ميمڻ ڪائونسلر پروفيسر امداد علي سومرو غلام جعفر ٽانوري.رفيق احمد شيخ.روشن شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي پيادل امن مارچ ڪيو ويو احتجاجي پيادل مارچ ۾ شامل شھري امن بحال ڪرايو.ڏوھن تي ڪنٽرول ڪريو.جا نعرا ھڻندا جڏھن شھر پھتا تہ دوڪاندارن پنھنجو ڪاروبار پاڻ مرادو بند ڪري احتجاجي پيادل مارچ ۾ شامل ٿي ويا. احتجاجي پيادل مارچ پنجھٽي چوڪ تي پھتو جتي ڌرڻي جي صورت اختيار ڪري ويو احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالھائيندي الزام لڳايو آھي تہ ھنڱورجا ٿاڻي جي حد ۾ بدامني عروج تي پھتل آھي چوريون ڦرون روز جو معمول بڻيل آھن شھري ھاڻي گھرن ۾ بہ محفوظ ناھن. ڏوھارين کي ڇوٽ مليل آھي روڊن رستن تي ڏوھارين جو راڄ قائم ٿي چڪا آھي پوليس ڏوھارين کي گرفتار ڪرڻ لاء تيار ناھي جنھن سبب ڏوھن ۾ اضافو ٿي ويو آھي شھر جو نياڻيون بہ غير محفوظ آھن ھنن چيو تہ ھنڱورجا شھر ۾ بدامني تي ڪنٽرول ڪري ڏوھارين کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ شھر مان ٿيل ڏوھ واپس ڪرايا وڃي ٻي صورت ۾ شھر ۾ اڻ ڄاتل مدي تائين شٽربند ھڙتال ڪري احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي.ھنن وزيراعلي سنڌ آء جي سنڌ کان مطالبو ڪيو آھي تہ فوري طور تي امن بحال ڪرايو وڃي ٻي پاسي ھنڱورجا ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شھرين جي احتجاج جو ايس ايس خيرپور اميرسعود مگسي نوٽيس ورتو ايس ايس پي جي حڪم تي ڊي ايس پي گمبٽ صبيرميمڻ ھنڱورجا پھچي احتجاج ڪندڙ شھري اڳواڻن حافظ عبدالسلام ميمڻ ڪائونسلر پروفيسر امداد علي سومرو رفيق احمد شيخ روشن شيخ .سميت ٻين سان گڏجاڻي ڪئي ۽ شھري اڳواڻن شھر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شڪايتون ڪيون جنھن تي ڊي ايس پي گمبٽ صبيرميمڻ شھرين کي يقين ڏياريو ت شھر ۾ امن بحال ڪرائڻ اء پوليس جو گشت وڌايو ويندو ٿيل ڏوھ واپس ڪرائي ڏوھارين کي گرفتار ڪيو ويندو پوليس جي نفري پڻ وڌائي ويندي.شھرين کي تحفظ فراھم ڪرڻ اسان جي فرض ۾ شمار آھي ھر صورت ۾ ڏوھارين کي گرفتار ڪيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
22nd Jul 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کے نئے ارکان کے پلاٹوں کی قرعہ اندازی اگست کے پہلے ہفتے میں ہوگی، ناصر حسین شاہ
22nd Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
انڈس آر اے ایس ایکسپو 2026: پاکستان کے روشن اور جدید مستقبل کی جانب ایک اہم قدم
21st Jul 2026
•
پاکستان
ہائیڈل برگ یونیورسٹی میں "علامہ اقبال چیئر" کی بحالی آخری مرحلے میں داخل ہو چکی ہے: سفیرپاکستان ثقلین سیدہ
21st Jul 2026
•
سندھ
آزاد کشمیر کے انتخابات میں پیپلز پارٹی بھر پور کامیابی حاصل کرے گی، فاطمہ مجید
22nd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شٽربند ھڙتال ۽ پنجھٽي چوڪ تي ڌرڻو
22nd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ ٻارن کي پوليو ۽ ٻين خطرناڪ بيمارين کان محفوظ بڻائڻ بابت سيمينار
22nd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
مورو پوليس پاران شادي جي نالي تي ماڻهن سان فراڊ ڪندڙ ٽولي کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
22nd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي نامياري شاعر علي صفدر جي ٻارن جي سهائتا لاءِ گلشن حديد ۾ امدادي ڪيمپ قائم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ھڱورجا ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شٽرب
0 تبصرے