English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو: لاسي برادري جو نوجوان تي فائرنگ ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مڪلي ويجهو باءِ پاس تي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل
138 views
|
23rd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
گذريل ڏينهن آمري اسٽاپ وٽ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ شڪيل لاسي زخمي ٿي پيو: وارث
ٺٽو(شفيق ڀٽي) گذريل رات ٺٽي شھر جي امري اسٽاپ تي ٿيل جهيڙي دوران سخت زخمي ٿيل سوزوڪي ڊرائيور شڪيل لاسي جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ۽ واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري نه ٿيڻ خلاف زخمي ٿيل سوزوڪي ڊرائيور جي ڪيترن ئي وارثن توڙي شھرين پاران ٺٽو باءِ پاس تي ھڪ احتجاجي مظاھرو اياز لاسي، ظفر لاسي، خالق لاسي، وڏيرو حنيف لاسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪري روڊ تي ڌرڻو ھڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي ويئي، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن لاسي برادري جي ماڻهن پوليس جي مبينا بي حسي خلاف احتجاج ڪندي الزام هنيو آهي ته سندن هڪ نوجوان شڪيل لاسي تي بروھي برادري جي ڪُجھ نوجوانن حملو ڪري کيس سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو، جنهن سبب هو زخمي ٿي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي جي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته پوليس نہ ڪيس داخل ٿي ڪري ۽ نه ئي جوابدارن جي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪا ڪارروائي ٿي ڪري، هنن مطالبو ڪيو ته متاثر زخمي نوجوان سان انصاف ڪري واقعي ۾ ملوث شريف بروھي ۽ ٻين سمورن جوابدارن خلاف قانون موجب فوري ايف آءِ آر داخل ڪري کين گرفتار ڪري زخمي شڪيل لاسي کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
10th Sep 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٹک ٹاک کی دنیا میں ایک منفرد آواز، برکت خان عرف ’’کنگال گروپ آف پاکستان‘‘، پشتو مزاح اور ثقافتی رنگ کے ذریعے نئی شناخت بنانے والے نوجوان کریئیٹر
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ

Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽو: لاسي برادري جو نوجوان تي فائرنگ ڪند
0 تبصرے