English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ پراڻي دشمني تان عدالت مان واپسي دوران پيرسن قتل
140 views
|
23rd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۾ مبينه پراڻي دشمني جي نتيجي ۾ 60 ورهين جي پيرسن قادر بخش منڱريو کي هٿياربندن وھرو روڊ تي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب نامعلوم موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن رڪشي تي سڌي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ قادر بخش منڱريو سخت زخمي ٿي پيو، وارثن کيس فوري طور سول اسپتال عمرڪوٽ منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، مقتول جي پٽ سرور منڱريو صحافين سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته سندس والد تي هي ٻيون ڀيرو قاتلاڻو حملو ڪيو ويو آهي، هن دعويٰ ڪئي ته اڳ به عدالت مان واپسي دوران ڊي سي هائوس ڀرسان سندن مٿان حملو ٿيو هو، جنهن ۾ سندس والد بچي ويو هو، هن چيو ته هن ڀيري بہ ڪورٽ مان تاريخ تان واپسي اچي رھيا ھئاسين تہ ٽي موٽرسائيڪلن تي سوار ڇهن ڄڻن، جن ۾ سونو راڄڙ، حاجي ۽ ڌنيو سميت ٻيا شامل هئا، سندن والد تي سڌي فائرنگ ڪري کيس قتل ڪيو، هن مطالبو ڪيو ته نامزد جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري کين فوري گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻئي پاسي ايس ايچ او سٽي نور محمد نوحاڻي ٻڌايو ته اطلاع ملندي ئي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي شواهد گڏ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته تدفين بعد وارثن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، سندس چوڻ هو ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ جاري آهي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، هوڏانهن مقتول جو مڙهه گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
لاڑکانہ میں’’سندھ بچاؤ مارچ‘‘پر پولیس ٹوٹ پڑی, خواتین کارکنوں سمیت متعدد گرفتار
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
’’حوثیوں کو روکیں‘‘، پاکستان نے سعودی عرب کا سخت پیغام ایران تک پہنچا دیا
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
فی لیٹر پٹرول پر 100 روپے رعایت، وزیراعظم نے نئی اسکیم کا اعلان کردیا
13th Sep 2026
•
سندھ
ایس پی ایس سی میں میرٹ کی پامالی کے خلاف احتجاج 51ویں روز بھی جاری، طلبہ نے مرن بھوک ہڑتال شروع کردی
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
لاڑکانہ میں’’سندھ بچاؤ مارچ‘‘پر پولیس ٹوٹ پڑی, خواتین کارکنوں سمیت متعدد گرفتار
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
’’حوثیوں کو روکیں‘‘، پاکستان نے سعودی عرب کا سخت پیغام ایران تک پہنچا دیا
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
فی لیٹر پٹرول پر 100 روپے رعایت، وزیراعظم نے نئی اسکیم کا اعلان کردیا
13th Sep 2026
•
سندھ
ایس پی ایس سی میں میرٹ کی پامالی کے خلاف احتجاج 51ویں روز بھی جاری، طلبہ نے مرن بھوک ہڑتال شروع کردی
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ ۾ پراڻي دشمني تان عدالت
0 تبصرے