سنڌو درياهه سنڌ جي زندگي، تاريخ، تهذيب ۽ معيشت جو بنيادي سرچشمو آهي: صدر برهان الدين ڪنڀر
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کوڙو جي هدايتن تي پاڪستان پيپلز پارٽي سٽي عمرڪوٽ پاران ڀارت جي مبينه سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي، سنڌو درياهه تي ڌاڙي ۽ پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي ڪوششن خلاف "مرسون مرسون، سنڌو نه ڏيسون" جي عنوان سان شاندار احتجاجي ريلي ۽ مظاهرو ڪيو ويو، ريلي پيپلز سيڪريٽريٽ وهرو شريف کان نڪري شهر جي مختلف رستن تان ٿيندي سورج پارڪ مين چوڪ تي پهتي، جتي وڏي احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪيو ويو، ريلي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي عهديدارن، جيالن، ورڪرن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن سنڌو درياهه جي تحفظ ۽ سنڌ جي پاڻيءَ جي حق ۾ زوردار نعريبازي پڻ ڪئي، ريلي کي خطاب ڪندي پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي عمرڪوٽ جي سينئر نائب صدر برهان الدين ڪنڀر چيو ته سنڌو درياهه سنڌ جي زندگي، تاريخ، تهذيب ۽ معيشت جو بنيادي سرچشمو آهي، هن چيو ته سنڌ جي پاڻي تي ڪنهن به قسم جو ڌاڙو يا سنڌ جي آئيني حقن تي حملو هرگز برداشت نه ڪيو ويندو، هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه سنڌ جي حقن جي تحفظ لاءِ جدوجهد ڪئي آهي ۽ مستقبل ۾ به هر جمهوري ۽ آئيني محاذ تي سنڌ جي عوام سان گڏ بيٺل رهندي، پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي عمرڪوٽ جي انفارميشن سيڪريٽري گهنشام داس بجير خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي عوام پنهنجي پاڻي ۽ درياهه جي تحفظ لاءِ هڪ آواز بڻجي چڪي آهي، هن چيو ته سنڌو درياهه صرف پاڻي جو ذريعو نه پر سنڌ جي سڃاڻپ، ثقافت ۽ بقا جي علامت آهي، تنهن ڪري سنڌ جي پاڻي تي ڪنهن به قسم جي زيادتي يا سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو، پاڪستان پيپلز پارٽي سٽي عمرڪوٽ جي صدر عبدالله کوسو پنهنجي خطاب ۾ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي عوام جي حقن جي حفاظت لاءِ هر محاذ تي جدوجهد جاري رکندي، هن چيو ته "مرسون مرسون، سنڌو نه ڏيسون" رڳو نعرو نه، پر سنڌ جي عوام جو عزم ۽ پنهنجي درياهه سان محبت جو اظهار آهي، هن اپيل ڪئي ته سنڌ جا ماڻهون متحد رهي پنهنجي پاڻي ۽ وسيلن جي تحفظ لاءِ آواز بلند ڪندا رهن، ان موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي سٽي عمرڪوٽ جي جنرل سيڪريٽري چيتن گوئل، تعلقي عمرڪوٽ جي صدر محمد امين پلي، سٽي انفارميشن سيڪريٽري موتي رام ميگهواڙ، هاري ڪميٽي جي صدر واحد سمون، منارٽي ونگ جي اڳواڻ رائيچند ڀيل، جيوت اوڏ، راجا رمچند مالهي، جميلان کوسو، گلزاران سمون ۽ جنت قائم خاني پڻ خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياهه سنڌ جي زندگيءَ جي علامت آهي ۽ ان تي ڪنهن به قسم جو ڌاڙو سنڌ جي عوام کي هرگز قبول ناهي، اڳواڻن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ سنڌ جي پاڻي، وسيلن ۽ آئيني حقن جي تحفظ لاءِ پرامن، جمهوري ۽ آئيني جدوجهد جاري رکندي ۽ ڪنهن به سازش آڏو جهڪندي نه، ريلي جي پڄاڻي تي اڳواڻن ۽ شرڪت ڪندڙن گڏيل طور اعلان ڪيو ته سنڌ جي پاڻي، درياهه ۽ عوامي حقن جي تحفظ لاءِ هر سطح تي آواز بلند ڪيو ويندو ۽ سنڌ جي مفادن خلاف ڪنهن به قدم کي سختي سان رد ڪيو ويندو.
0 تبصرے