ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي مختلف علائقن ۾ پاڻي ۽ بجلي جي مسلسل بندش خلاف اولڊ ٿاڻي کان ميمڻ ڳوٺ جا سويڻ رهواسي عورتن سميت رستن تي نڪري آياميمڻ ڳوٺ اولڊ ٿاڻي، ڀرو وليج ۽ شفيع وليج وٽ احتجاج کان پوئي ملير ڪورٽ وٽ قومي شاهراھ پهچي ڌرڻو هنيو روڊ بند ڪري ڇڏيو جنهن سبب گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون احتجاج ڪندڙن حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي. احتجاج ۾ عورتن ۽ ٻارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. روڊن جي بندش سبب ٽريفڪ جو نظام سخت متاثر ٿيو ۽ ڪيترائي مسافر سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو مظاهرين چار ڪلاڪ قومي شاهراھ کي بند رکيو جنهن بغد ملير انتظاميا ڪيبايلترڪ آفيسرن سان گڏ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته هو ڊگهي عرصي کان پاڻي ۽ بجلي جي شديد کوٽ برداشت ڪري رهيا آهن، پر لاڳاپيل ادارا سندن مسئلن جي حل لاءِ ڪي به سنجيده قدم نه کڻي رهيا آهن ان موقعي تي انتظاميا مظاهرين جا ئطامبا مڃيندي فوري طور بجلي بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو جنهن بعد مظاهرين روڊ وکر ڇڏيو۽ ڇڙ و ڃڙ ٿي ويا
0 تبصرے