گمبٽ، سوڀوديرو پي ايس 30 جي ضمني چونڊ جون سرگرميون تيزي سان جاري

آزاد اميدوار اسلم سهتو پ پ اميدوار بئريسٽر اسفنديار کرل جي حق ۾ ھٿ کڻي ويو

گمبٽ، سوڀوديرو پي ايس 30 جي ضمني چونڊ جون سرگرميون تيزي سان جاري

هڱورجا(رپورٽر)پي ايس-30 گمبٽ–سوڀوديرو جي ضمني چونڊ لاءِ سياسي سرگرميون تيز ٿي ويون آهن. آزاد اميدوار اسلم سهتو، لڪياري هائوس هنڱورجا ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر پير سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري ۽ سيد محرم علي شاهه لڪياري جي موجودگي ۾ پيپلز پارٽي جي اميدوار بئريسٽر اسفند يار کرل جي حق ۾ هٿ کڻي سندس حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو.صحافين سان ڳالهائيندي اسلم سهتو چيو ته هن سينيٽر پير سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري ۽ سيد محرم علي شاهه جي چوڻ تي پيپلز پارٽي جي اميدوار بئريسٽر اسفند يار کرل جي حمايت جو فيصلو ڪيو آهي.ان موقعي تي بئريسٽر اسفند يار کرل چيو ته 16 آگسٽ پيپلز پارٽي جي فتح جو ڏينهن ثابت ٿيندو ۽ تڪ جو عوام تير جي نشان تي ٺپو هڻي کيس ڪامياب ڪندو.جڏهن ته سينيٽر پير سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري چيو ته پي ايس-30 جو عوام 16 آگسٽ تي تير جي نشان تي ووٽ ڏئي پيپلز پارٽي جي اميدوار بئريسٽر اسفند يار کرل کي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪندو.