English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گڏاپ ۾ ڌارين جي نيڪالي لاءِ ايس اين پي پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي
views
|
25th Jun 2023
•
سنڌي خبرون
هڪ سازش تحت سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڌارين کي آباد ڪيو پيو وڃي: رمضان بليدي ۽ ٻيا
گڏاپ(رپورٽر)ڪراچي افغانين جي آبادڪاري خلاف ۽ غير قانوني پرڏيھين جي نيڪالي لاءِ سنڌ نيشنل پارٽي پاران ايس اين پي ھائوس سھراب گوٺ ٽائون کان بسم الله چوڪ لاسي ڳوٺ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. ريلي جي اڳواڻي سنڌ نيشنل پارٽي جي مرڪزي سينئر وائيس چئيرمين رمضان بليدي، نياز بليدي سردار لغاري جان محمد ڦلپوٽو. ڊي ايم خاصخيلي ۽ ٻين ڪئي. ريلي ۾ شريڪ ڪارڪنن ڌاري آبادڪاري خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي رمضان بليدي. نياز بليدي ۽ ٻين چيو ته سنڌ اسان جو ھزارين سالن کان تاريخي وطن آھي، جنھن جا وارث صرف سنڌي آهن، سنڌ اندر پناهه وٺي ڪاروبار ڪندڙ افغان پناهگير سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال کي خراب ڪرڻ جا ذميوار آهن. ھنن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ھن مھل چاليھ لک افغاني آباد ٿيل آھن جن کي سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب 30جون تي فوري طور سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي. ھنن وڌيڪ چيو ته غير ملڪي پناهگيرن جي نيڪالي لاءِ اردو ڳالهائيندڙن کي به آواز اٿارڻ گھرجي ھي افغان پناهگير اسان سڀني لاءِ نقصانڪار ثابت ٿين پيا. ھنن سپريم ڪورٽ. وفاقي حڪومت. سنڌ حڪومت کان افغانين. غير قانوني پرڏيھين کي فوري طور سنڌ مان نيڪالي جو مطالبو ڪيو آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
SNP
Sindh
Front
0 تبصرے