English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏهرڪي ۾ ڪي ايم سي ۽ ڊي ايم سي جي رٽائرڊ ملازمن جو احتجاجي مظاهرو
101 views
|
01st Aug 2023
•
سنڌي خبرون
ڪي ايم سي ۽ ڊي ايم سي مان ريٽائرڊ ٿيل 8 هزار ملازمن جا پينشن جي مد ۾ ڏهه ارب روپيا بقاياجات رهيل آهي: اڳواڻ
ڏهرڪي (نويد چغتائي ) ڏهرڪي ٽائون ڪاميٽي ۾ ڪي ايم سي ۽ ڊي ايم سي جي ريٽائرڊ ملازمن جي پينشن بقايات نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو، شاهه لطيف لوڪل گورنمينٽ ايمپلائيز يونين گهوٽڪي جي ضلعي صدر مير عابد ڀٽو جي اڳواڻي ۾ ملازمن طرفان احتجاج ڪيو، احتجاج ۾ شاهه لطيف لوڪل گورنمينٽ ايمپلائيز يونين گهوٽڪي جي ضلعي صدر مير عابد ڀٽو، يونٽ ڏهرڪي جي صدر ثناءُ الله چنڙ، عبدالرحيم مهر، رمضان سومرو، خالد ماڪو، شفيق مسيح، ڏتو شيخ ۽ ٻين ملازمن طرفان شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ضلعي صدر مير عابد ڀٽو ۽ ٻين چيو ته مڪاني کاتي جي ملازمن سان ظلم و جبر جو سلسلو جاري آهي، ڪي ايم سي ۽ ڊي ايم سي مان ريٽائرڊ ٿيل 8 هزار ملازمن جا پينشن جي مد ۾ ڏهه ارب روپيا بقاياجات رهيل آهي ڪيترو عرصو گذرڻ باوجود ريٽائرڊ ملازمن کي پينشن جي بقاجات جاري نه ڪئي پئي وڃي، جنهن سبب ريٽائرڊ ملازمن سخت پريشان آهن ۽ فاقه ڪشي ڪرڻ تي مجبور آهن پر مڪاني کاتي جي ڪامورن ۽ سنڌ حڪومت طرفان ڪوبه نوٽس نه ورتو پيو وڃي ريٽائرڊ ٿيل ملازم جيڪي ڪراچي ۾ مختلف آفيسن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهن پر انهن جو تدارڪ وٺڻ لاءِ ڪوبه تيار ناهي، هنن چيو ته مڪاني کاتي سنڌ جي ملازمن جون پگهارون آن لائين نه ٿيڻ سبب مسئلا درپيش اچي رهيا آهن جيڪڏهن ملازمن جون پگهارون آن لائين هجن ها ته اڄ ريٽائرڊ ملازمن ائين دربدر نه هجن ها، ڇاڪاڻ ته ملازمن جي پگهارون ۽ پينشن جي مد ۾ سنڌ حڪومت طرفان جاري ڪندڙ او زيڊ ٽي شيئر کي ڪامورا ۽ ڀوتار هڙپ ڪري ٿا وڃن ۽ ملازمن کي ڪٽوتي ٿيل پگهارون ڏيندا آهن جڏهن ته ريٽائرڊ ملازمن جي ته سموري پينشن ئي چٽ ڪري ٿا وڃن، پگهارون آن لائين ڪرائڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا احتجاج ۽ ڌرڻا هنيا ويا پر سنڌ حڪومت طرفان صرف ٺلها آسرا ئي ڏيندي رهي آهي ۽ ملازمن جون پگهارون آن لائين ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي، هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته جيڪڏهن ڪي ايم سي ۽ ڊي ايم سي ريٽائرڊ ملازمن جي پينشن جا پئسا جاري نه ڪيا ويا ته سموري سنڌ ۾ احتجاج جاري رهندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
سندھ میں بارشوں کا سلسلہ، مختلف اضلاع میں نظامِ زندگی متاثر
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ سمائل ويلفيئر فاؤنڊيشن طرفان 400 کان وڌيڪ ٻارن کي مفت عيد شاپنگ ڪرائي وئي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
KMC
DMC
Daharki
Protest
0 تبصرے