English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گڏاپ جي خميسو جوکيو ڳوٺ ۾ قائم سرڪاري اسڪول جي عمارت زبون حالي جو شڪار
197 views
|
07th Aug 2023
•
سنڌي خبرون
اسڪول جي زبون حال عمارت سبب پڙهائي ٺپ، استاد گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيا آهن: ڳوٺاڻا
گڏاپ (محمد علي خاصخيلي)گڏاپ ۾ خميسو جوکيو ڳوٺ ۾ قائم سرڪاري اسڪول جي بلڊنگ زبون حالي جو شڪار. ديوارن ۽ ڪمرن ۾ ڏار پئجي ويا. ڇت ڪمزور ٿيڻ ڪري وڏا چاپر ڪرڻ لڳا. معصوم ٻارڙن ۾ خوف. شاگردن اسڪول اچڻ بجاء مال چارڻ توڙي مزدوري ڪرڻ لڳا. والدين پاران ٻارڙن کي اسڪول وڃڻ کان روڪي ڇڏيو. سوين ٻارڙن جو مستقبل داءُ تي لڳل. شڪايتن باوجود ملير جي چونڊيل نمائندن اسڪولن طرف ڪوبه ڌيان نه ڏنو. اسڪول جي مرمت لاءِ ڊي او ۽ ٽي او بہ اسڪول کي وزٽ نہ ڪيو. رھواسين پاران اعلي اختيارين کان نوٽيس وٺي اسڪول جو مرمتي ڪم ڪرائڻ جو مطالبو. تفصيل موجب ڪراچي. تعليم کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار شاهه پاران تعليم جون دعوائون ناڪام ثابت ٿي ويون. گڏاپ جا ڪيترائي اسڪول بند پيل. سرڪاري بلڊنگيون ويران. زبون حالي جو شڪار. ڪيترن ئي اسڪولن ۾ مقرر استاد گھر ويٺي پگھارون کڻڻ لڳا. تعليم کاتو اگھور ننڊ ستل معصوم ٻارڙن جو مستقبل داءُ تي لڳي ويو. گڏاپ ۾ قائم گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول خميسو جوکيو جي بلڊنگ زبون حالي جو شڪار ٿي وئي. سالن کان اسڪول جو مرمتي ڪم نه ٿيڻ ڪري اسڪول مان چاپر ڪرڻ لڳا. جنھن سبب معصوم ٻارڙن ۾ خوف وارو ماحول ڇانئجي ويو. ڪيترائي ٻارڙن اسڪول اچڻ ڇڏي ڏنو. ڪيترائي شاگرد مال چارڻ لڳا. سوين ٻارڙن جي تعليم تباھ ٿيڻ لڳي. اسڪول جي بلڊنگ ڪمزور ھجڻ ڪري والدين پنھنجي ٻارڙن کي اسڪول وڃڻ کان روڪي ڇڏيو. ڳوٺاڻن فاروق جوکيو. عبدالغني جوکيو. مرتضي جوکيو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسڪول جي بلڊنگ ۽ ديوار جي اهڙي حالت آھي جو ان سان ڪنهن وقت به ڪو نقصان ٿي سگهي ٿو، .ديوارون. ڪمرا به زبون بڻجي ويا آھن. وڏي عرصي کان هن جي ڪا به مرمت وغيره نه ڪئي ويئي آھي، بلڊنگ ۽ ديوار جي اهڙي حالت سبب اسڪولي شاگرد، استاد ۽ ڳوٺاڻا خوف جو شڪار آھن جنھن ڪري معصوم ٻارڙن جي پڙھائي بہ متاثر ٿي رهي آھي، ڳوٺاڻن سنڌ حڪومت. وزير تعليم سيد سردار شاهه. سيڪريٽري تعليم اڪبر لغاري ۽ ملير جي چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته خدارا گڏاپ ٽائون ۾ بند پيل اسڪول کولرائي زبون حالي جو شڪار اسڪولن ۾ مرمتي ڪم ڪرائي معصوم ٻارڙن جي تعليم تباھ ٿيڻ کان بچائي وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
Gaddap
School
Gadap
Karachi
Khamiso jokhio goth
Village
students
0 تبصرے