English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو: ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون جي صدارت هيٺ جشن آزادي بابت گڏجاڻي
213 views
|
08th Aug 2023
•
سنڌي خبرون
اجلاس ۾ 14 آگسٽ تي 76 هون يوم آزاديءَ جو ڏهاڙو ملهائڻ بابت انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي
ٺٽو( شفيق ڀٽي) ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ٺٽو جي صدارت هيٺ جشن آزادي جي تيارين بابت گڏجاڻي منعقد -ٺٽي ضلعي ۾ 14 آگسٽ تي 76 هون يوم آزاديءَ جو ڏهاڙو ملهائڻ بابت انتظامن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ٺٽو منور عباس سومرو جي صدارت هيٺ دربار هال مڪلي ۾ گڏجاڻي منعقد ٿي. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون چيو ته آزادي هڪ نعمت آهي، 76 هين يوم آزاديءَ کي قدر جي نگاهه سان ڏسندي سمورا ادارا ملڪ جي آزاديءَ لاءِ وڙهندڙ هيروز کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ پروگرام منعقد ڪن ۽ کين خراج عقيدت پيش ڪن ته جيئن نوجوانن ۾ آزادي جي اهميت ۽ پنهنجي هيروز بابت شعور پيدا ٿي سگهي. ھن وڌيڪ چيو ته ملڪ کي سرسبز بڻائڻ لاءِ وڌ کان وڌ ٻوٽا لڳايا وڃن ۽ جشن آزادي کي شاندار نموني سان ملهائڻ لاءِ اسڪولن ۽ آفيسن ۾ جشن آزادي جا پروگرام منعقد ڪرڻ سان گڏو گڏ سرڪاري عمارتن ۽ گاڏين کي قومي جهنڊن ۽ جهنڊين سان سينگاريو وڃي. هن سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ لاڳاپيل مختلف کاتن جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو 14 آگسٽ جي ڏهاڙي کان اڳ ضلعي جي خانگي ۽ سرڪاري عمارتن خاص ڪري اسپتالن ۾ صفائي سٿرائي کي يقيني بڻائين ۽ سمورا اسسٽنٽ ڪمشنر جشن آزادي جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ پنهنجن لاڳاپيل تعلقن ۾ تعليم، سماجي ڀلائي ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن عملدارن سان گڏجاڻيون منعقد ڪن. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون تعليم کاتي جي آفيسرن کي هدايتون ڏيندي چيو ته 14 آگسٽ تي ضلعي جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پاڪستان جي نظريي ۽ جشن آزادي جي حوالي سان تقريري ۽ قومي گيتن جا مقابلا ڪرايا وڃن ته جيئن نوجوان نسل ۾ حب الوطني جو جذبو پيدا ٿي. هن وڌيڪ چيو ته جشن آزادي جي موقعي تي تقريري مقابلن ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ شاگردن کي انعام، سرٽيفڪيٽ ۽ شيلڊون پڻ ڏنيون وينديون. هن پوليس آفيسرن کي هدايت ڪئي ته جشن آزادي جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا وڃن. گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 14 آگسٽ تي ڏينهن جي شروعات فجر جي نماز کانپوءِ قوم ۽ ملڪ جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ خصوصي دعائن سان ڪئي ويندي جڏهن ته مُک تقريب پوليس لائن مڪلي ۾ منعقد ڪئي ويندي جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر غلام فاروق سومرو ۽ ايس ايس پي عديل حسين چانڊيو پرچم ڪُشائي ڪندا ۽ پوليس اسڪائوٽ جو دستو سلامي پيش ڪندو. گڏجاڻي ۾ ٻڌايو ويو ته آزادي واري ڏهاڙي جي موقعي تي اسپتالن ۾ داخل مريضن ۽ جيل جي قيدين ۾ مٺائي ۽ فروٽ پڻ ورهايا ويندا. گڏجاڻي ۾ سمورن تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، پوليس، لوڪل گورنمينٽ، صحت، تعليم ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن ۽ مختلف اين جي اوز ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
05th May 2026
•
سنڌي خبرون
روهڙي: ڪارنهن تهمت مڙهي بيدردي سان قتل ڪيل ٻن ٻارن جي ماءُ گلان ڀارو جو ڪيس داخل
05th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: داؤد شورو ڳوٺ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ، روڊ۽ سيوريج جو نظام تباهه
05th May 2026
•
سنڌي خبرون
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت هيٺ اجلاس
05th May 2026
•
سنڌي خبرون
مڪلي کان ٺٽو تائين غيرقانوني قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
Thatto ADC
One
Munwar Abbass Soomro
Meeting
0 تبصرے