English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول ۾ آل روينيو ڪلارڪس ۽ آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيئيشنز پاران احتجاج
views
|
09th Aug 2023
•
سنڌي خبرون
يوسف ميربحر،راجيش مھيشوري، ڪاشف ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو
سجاول(گلشيرميربحر )آل روينيو ڪلارڪ ايسوسيئيشن ۽ آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيئيشن ضلعي سجاول پاران گريڊ ھڪ کان چار تائين جي ملازمن جي ڀرتين ۾ ميريٽ جي لتاڙ ۽ سياسي لسٽ جاري ٿيڻ خلاف ڊي سي آفيس سجاول جي اڳيان ھٿن ۾ ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو خبر موجب: آل روينيو ڪلارڪ ايسوسيئيشن ۽ آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيئيشن ضلعي سجاول پاران گريڊ ھڪ کان چار تائين جي ملازمن جي ڀرتين ۾ ميريٽ جي لتاڙ ۽ سياسي لسٽ جاري ٿيڻ خلاف ڊي سي آفيس سجاول جي اڳيان ھٿن ۾ ڪاريون پٽيون ٻڌي ڀرپور احتجاج ڪيو ويو ان موقعي آل روينيو ڪلارڪ ايسوسيئيشن جي صدر يوسف ميربحر،راجيش مھيشوري، ڪاشف ميمڻ آپڪا اڳواڻ بچل لغاري،عبدالعزيز ٻاگل،واحد سوز ملاح،مجيب ڪنڀار، ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان ھر کاتي پاران ضلعي جي نوجوانن کان بار بار اپلائي ڪرايو ويو آھي ۽ انٽرويو پڻ ورتا ويا آھن پر انھن کي نوڪري ڏيڻ بدران ٻين کي لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آھي جن نه ھي انٽرويو ڏنا آھن نه وري انھن ڪاغذ جمع ڪرايا آھن اھو انھن غريبن سان سراسر ناانصافي آهي انھن وڌيڪ چيو آهي ته ميريٽ لسٽ سيڪريٽ رکڻ ھڪ غلط عمل آھي ميريٽ لسٽ ظاھر ٿيڻ گھرجي ته ۽ حقدار اميدوارن کي پنھنجو حق ملڻ گهرجي ۽ پڙھيل لکيل نوجوان بيروزگاريءَ کان بچي سگھن انھن وزير اعلي سنڌ اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته سياسي بنياد تي جاري ٿيل لسٽ کي ڪينسل ڪري انٽرويو ڏيندڙ حقدارن کي حق ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو،
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
sajawal
APCA
clercs
0 تبصرے