English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سراج الحق جي اپيل تي مھانگائي ۽ پئٽرول اگھن ۾ واڌ خلاف اڄ سنڌ ۾ احتجاجي مظاھرا ڪيا ويندا
234 views
|
17th Aug 2023
•
سنڌي خبرون
پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي خلاف ڪراچي کان ڪشمور سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا: ترجمان
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ نگران سرڪار پاران پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي جي شديد مذمت ڪندي ان کي شهباز حڪومت جو تسلسل قرار ڏيندي چيو آهي ته غيرن جي غلام قيادت آءِ ايم ايف جي ڊڪٽيشن تي عوام مٿان پيٽرول بمباري ڪيرائي جيئڻ به مشڪل بڻائي ڇڏيو آهي، ان ظالماڻي قدم خلاف امير جماعت اسلامي سراج الحق جي اپيل تي جمعي ڏينهن اڄ ملڪ گير احتجاج جي سلسلي ۾ ڪراچي کان ڪشمور ڀرپور احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. صوبائي ترجمان مجاهد چنا پاران جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته عوام اڳ ۾ ئي بيروزگاري، بُک بدحالي ۽ بجلي توڙي گيس جي قيمتن ۾ اضافي تي پريشان مٿان وري هڪ مهيني اندر پيٽرول 37 ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 40 رپين جو اضافو عوام مٿان بجلي بڻجي ڪريو آهي ڇو ته پيٽرول جي قيمت ۾ اضافي سان ٽرانسپورٽ ڪراين سميت روزاني استعمال ٿيندڙ واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ پڻ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ٿي ويندو آهي جنهن سان عام ماڻهن جو جيئڻ مشڪل ٿيو پوي. بجٽ خسارو ختم ڪرڻ ۽ حڪمرانن جي عياشين کي پورو ڪرڻ لاءِ سمورو بار عوام مٿان وجهڻ سراسر ظلم آهي، هن مطالبو ڪيو ته عوام جي حياتي تنگ ڪرڻ بدران وي آءِ پي ڪلچر جي خاتمي، حڪمرانن توڙي بيوروڪريسي جي مراعات جو خاتمو ۽ سادگي توڙي ڪفايت شعاري جي پاليسي تي عمل ڪري آءِ ايم ايف کان هميشه لاءِ جند آجي ڪرائي وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
Siraj ul haq
Karachi
jamait e islami
0 تبصرے