English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سراج الحق جي اپيل تي مھانگائي ۽ پئٽرول اگھن ۾ واڌ خلاف اڄ سنڌ ۾ احتجاجي مظاھرا ڪيا ويندا
views
|
17th Aug 2023
•
سنڌي خبرون
پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي خلاف ڪراچي کان ڪشمور سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا: ترجمان
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ نگران سرڪار پاران پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي جي شديد مذمت ڪندي ان کي شهباز حڪومت جو تسلسل قرار ڏيندي چيو آهي ته غيرن جي غلام قيادت آءِ ايم ايف جي ڊڪٽيشن تي عوام مٿان پيٽرول بمباري ڪيرائي جيئڻ به مشڪل بڻائي ڇڏيو آهي، ان ظالماڻي قدم خلاف امير جماعت اسلامي سراج الحق جي اپيل تي جمعي ڏينهن اڄ ملڪ گير احتجاج جي سلسلي ۾ ڪراچي کان ڪشمور ڀرپور احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. صوبائي ترجمان مجاهد چنا پاران جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته عوام اڳ ۾ ئي بيروزگاري، بُک بدحالي ۽ بجلي توڙي گيس جي قيمتن ۾ اضافي تي پريشان مٿان وري هڪ مهيني اندر پيٽرول 37 ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 40 رپين جو اضافو عوام مٿان بجلي بڻجي ڪريو آهي ڇو ته پيٽرول جي قيمت ۾ اضافي سان ٽرانسپورٽ ڪراين سميت روزاني استعمال ٿيندڙ واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ پڻ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ٿي ويندو آهي جنهن سان عام ماڻهن جو جيئڻ مشڪل ٿيو پوي. بجٽ خسارو ختم ڪرڻ ۽ حڪمرانن جي عياشين کي پورو ڪرڻ لاءِ سمورو بار عوام مٿان وجهڻ سراسر ظلم آهي، هن مطالبو ڪيو ته عوام جي حياتي تنگ ڪرڻ بدران وي آءِ پي ڪلچر جي خاتمي، حڪمرانن توڙي بيوروڪريسي جي مراعات جو خاتمو ۽ سادگي توڙي ڪفايت شعاري جي پاليسي تي عمل ڪري آءِ ايم ايف کان هميشه لاءِ جند آجي ڪرائي وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
Siraj ul haq
Karachi
jamait e islami
0 تبصرے