English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
مسوڀرڳڙي جي ڳوٺاڻن جو ڊي ايس پي ھٽڙي جي آفيس آڏو ڌرڻو
views
|
22nd Aug 2023
•
سنڌي خبرون
ولي محمد خاصخيلي، مولي ڏنو خاصخيلي سميت مختلف ڳوٺن جي رهواسين پاران بدامني خلاف ڌرڻو ھنيو ويو
حيدرآباد(بيورو) مسوڀرڳڙي ڀرسان ڳوٺ ولي محمد خاصخيلي، مولي ڏنو خاصخيلي سميت مختلف ڳوٺن جي رهواسين چورين جي آزار خلاف ڊي ايس پي ھٽڙي جي آفيس آڏو قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ الطاف خاصخيلي، محب علي خاصخيلي، نادر علي، اقبال احمد، عطا محمد، شاھنواز خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر جوائنٽ سيڪريٽري الطاف خاصخيلي خطاب ڪندي چيو تہ علائقي ۾ بدامني ۽ منشيات وڌي وئي آھي. روزانو چوريون ۽ ڦرون ٿي رھيون آھن. پوليس خاموش تماشائي بنيل آھي. جيڪڏھن بدامني تي ڪنٽرول نہ ٿيو تہ ھاء وي تي ڌرڻو ھنيو ويندو. ھوڏانھن ڊي ايس پي شڪيل سولنگي ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪيون. متاثر ڳوٺاڻن خاوند بخش خاصخيلي، عطا محمد ۽ شاھنواز خاصخيلي ڊي ايس پي کي ٻڌايو تہ 3 چور 21 آگسٽ جي رات جو گھرن ۾ گھڙي سندوقون چوري ڪري فصلن ۾ انھن جا تالا ٽوڙي سونا زيور، روڪ رقم ۽ ڪپڙن جا جوڙا چوري ڪري ويا. ھر مھيني 4/5 چوري جون وارداتون پيش اچن ٿيون. ھٽڙي، ڇلگري ۽ ٻڍاڻي ٿاڻن جي پوليس رڳو اين سي داخل ڪري خاموش ٿي وڃي ٿي ۽ ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي. ان موقعي تي ڊي ايس پي شڪيل سولنگي ۽ ڇلگري ٿاڻي جي ايس ايچ او مھتاب کھاوڙ چيو تہ چورن کي بخش نہ ڪيو ويندو. چورن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو ۽ ڳوٺاڻن کي تحفظ ڏنو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
Hyderabad
Maso Bhurgri
Villages
Police Prottest
0 تبصرے