English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ايندڙ حڪومت پيپلزپارٽي جي ھوندي۽ بلاول ڀٽو وزيراعظم ٿيندو: شگفتا جماڻي
206 views
|
23rd Aug 2023
•
سنڌي خبرون
پ پ سنڌ ۾ ترقياتي ڪم، صحت ، تعليم، انڪم سپورٽ پروگرام سميت تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي
شڪارپور ( رپوٽر) پيپلزپارٽي سنڌ ۾ ترقياتي ڪم، صحت ، تعليم، انڪم سپورٽ پروگرام سميت تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي جنهن بنياد تي عوام وٽ ٻيھر وڃي رھيا آھيون، ايندڙ حڪومت پيپلزپارٽي جي ھوندي ۽ بلاول ڀٽو وزيراعظم ٿيندو اھڙن خيالن جو اظھار پ پ ليڊيز ونگ جي صوبائي صدر اڳوڻي ايم اين اي شگفته جماڻي ۽ ليڊيز ونگ جي صوبائي جنرل سيڪريٽري اڳوڻي ايم اين اي مھرين ڀٽو شڪارپور ۾ ڀيو هائوس تي پي پي ليڊيز ونگ جي پروگرام کي خطاب ڪندي ڪيو. ھنن وڌيڪ چيو ته ادي فريال ٽالپر جي هدايتن تي پي پي ليڊيز ونگ پاران سموري سنڌ جا دورا ڪري تقريبون ڪوٺائي تنظيم سازي کي وڌيڪ فعال ڪرڻ آھي اليڪشن کان اڳ سنڌ جي عورتن سان ملڻ آھي هنن چيو ته پي پي پنهنجي 15 سالن جي دور ۾ سنڌ ۾ تعلم صحت ترقياتي ڪم بي روزگار نوجوانن توڙي عورتن ۾ ميرٽ جي بنياد تي روزگار فراهم ڪيو آھي عوام جا بنياد مسئلا حل ڪيا آھن. هنن چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ پي پي وڏي اڪٽريت سان ڪاميابي ماڻي ايندڙ وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري هوندو. تقريب ۾ شڪارپور ضلعي جي شڪارپور، خانپور، لکي، ڳڙهي ياسين تعلقن مان وڏي انگ ۾ ليڊيز شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پي پي ليڊيز ونگ شڪارپور جي اڳواڻ ميونسپل ڪاميٽي جي ڪائونسلر آپا نگهت منگي پاران آيل مهمانن کي آجياڻو پيش ڪيو ۽ مهمانن کي سنڌ جي ثقافت اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا تقريب کي پي پي ليڊيز ونگ سنڌ جي صدر اڳوڻي ايم اين اي شگفته جماڻي ۽ پي پي ليڊيز ونگ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري اڳوڻي ايم اين اي مهرين ڀٽو نهگت منگي آپا رخسانه مرکاڻي افروز سيٺار گل جهان سيٺار سميت ٻين خطاب ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
Shikarpur
PPP
Shagufta Jumani
Bilawal Bhutto
0 تبصرے