English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اياز لطيف پليجي گھرو صارفين جي بجلي بلن تي 40 سيڪڙو ٽيڪس ۽ بجلي اگهن ۾ واڌ کي رد ڪري ڇڏيو
views
|
27th Aug 2023
•
سنڌي خبرون
بجلي ھر ماڻھو جي بنيادي ضرورت بڻجي وئي آھي پر بجلي ورھائيندڙ ڪمپنين ۾ جا آفيسر بجلي چوري ڪرائين ٿا: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي یونیفارم، ٽہ ماھي ایڊجسٽمینٽ فیوئل ایڊجسٽمینٽ ٽئرف ايڊجسٽمينٽ ايڊيشنل سرچارجز اليڪٽريسٽي ڊیوٽي، جنرل سیلس ٽيڪس جي نالي سان ناجائز لڳايل گھرو صارفين جي بجلي بلن تي 40 سيڪڙو ٽيڪس ۽ بجلي جي روزانو وڌندڙ قيمتن کي رد ڪندي چيو آھي تہ بجلي ھر ماڻھو جي بنيادي ضرورت بنجي وئي آھي پر بجلي ورھائيندڙ ڪمپنين ۾ ڪرپٽ انتظامي آفيسر ھٿ سان بجلي چوري ڪرائين ٿا. جنھن ڪري عوام ڏانھن ھڪ طرف ڳرا بل اماڻيا وڃن ٿا تہ ٻئي طرف بجلي مھانگي ڪئي وڃي ٿي. اسان وٽ خراب حڪمران ۽ ڪرپٽ انتظامي نظام جي ڪري سڄو نظام درھم برھم آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ بجلي چوري ختم ڪري بجلي ايتري سستي ڪئي وڃي جو ڪنھن کي چوري ڪرڻ جي ضرورت ئي نہ پئي. بجلي چوري ۾ خود بجلي فراھم ڪندڙ ڪمپنين جا ملازم شامل آھن،بجلي بل ذريعي لڳايل سمورا ناجائز اضافي ٽيڪس ختم ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ مھانگائي عوام جي زندگي جھنم بنائي ڇڏي آھي. گئس، بجلي تمام گھڻي مھانگي آھي. زندگي بچائيندڙ دوائن جون قيمتون پئٽرول جا اگھ بي پناھ وڌايا ويا آھن. اٽو ھاري، مزدور ۽ غير ماڻھو جو خريد کان پري ٿو ويو آھي. ڪرپشن جي ڪري ملڪي وسيلن جي لٽمار ٿي آھي. عوام جي دولت تي ڌاڙا ھنيا ويا آھن. خراب حڪمراني جي ڪري خوشحالي ناھي. آيي ايم ايف جي ڊڪٽيشن تي عوام دشمن معاشي پاليسيون جوڙيون ويون آھن. عوام غربت، بدحالي ۽ بيروزگاري جي چڪي ۾ پيسجي رھيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪرپٽ حڪمران کرب پتي ٿي ويا ۽ عوام غريب کان غريب ٿي ويو آھي. جاگيردار ۽ سرمائيدار حڪمرانن جي ايجنڊا ۾ عوام جي خوشحالي ۽ ترقي شامل ناھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
29th Jun 2025
•
پاکستان
فیصل آباد : اوباش لڑکے نے چھیڑ خانی سے منع کرنے پر لڑکی پر فائرنگ کر کے قتل کرديا
29th Jun 2025
•
پاکستان
فیصل آباد میں بدبخت بیٹے کی فائرنگ سے ماں جاں بحق ہو گئی، باپ اور بھائی زخمی، ملزم گرفتار
27th Jun 2025
•
سندھ
کراچی، تاجر کے گھر میں بڑی ڈکیتی کرنے والی ٹک ٹاکر بہن اور بھائیوں سمیت گرفتار
27th Jun 2025
•
تازہ ترین
اسرائیلی خفیہ ایجنسیوں سے روابط کے الزام میں ایران میں پھانسیاں اور گرفتاریاں
29th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
محرم الحرام جي حوالي سان ڏوڪري ۽ ڀرپاسي ۾ لبيڪ يا حسين عه جون صدائون بلند
29th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي ملڪ جي ڪا به يونيورسٽي عالمي معيار جي نه ھجڻ تي افسوس جو اظھار
29th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
مورو انتظاميا پاران محرم الحرام جي عزاداري جي روٽس جو دورو
29th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
لکي غلام شاهه شھر ۾ مٺو پاڻي گذريل 40 سالن کان شھر واسين لاءِ خواب بڻيل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ayaz latif
palijo
0 تبصرے