English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
باقراڻي ۾ اسڪول جي ڪلارڪ جي ساٿين سان گڏجي نينگر سان بدفعلي، وڊيو وائرل
23 views
|
05th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
جوابدارن نينگر سان بدفعلي جي وڊيو ڀري سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي
باقراڻي؛ باقراڻي ۾ 13 ورهين جي نينگر سان گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول باقراڻي جي بااثر ڪلارڪ پاران دوستن سان گڏجي بدفعلي، ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ، باقراڻي ٿاڻي تي اين سي داخل ، پوليس بااثر ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي نه ڪري سگهي . رپورٽ موجب : باقراڻي شهر جي قطب ڪالوني جي رهواسي 13 ورهين جي نينگر سان باقراڻي واسي گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول باقراڻي جي بااثر ڪلارڪ ارشد عباسي پاران پنهنجي دوستن سان گڏجي بدفعلي ڪري ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي آهي ، اهڙي واقعي جي اين سي حد جي ٿاڻي باقراڻي تي متاثر نينگر جي چاچي علي گوهر شيخ پاران جوابدار ارشد عباسي (ڪلهوڙو ) ۽ سندس دوستن خلاف داخل ڪرائي وئي آهي ، ان سلسلي ۾ متاثر صحافين کي ٻڌايو ته باقراڻي واسي جوابدار ارشد عباسي (ڪلهوڙو ) جيڪو گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول باقراڻي ۾ ڪلارڪ آهي ، ارشد ڪلهوڙو ۽ ٻين مونکي پڪڙي الزام هنيو ته تون اسان جي موبائيل فون چوري ڪئي آهي جيڪي مونکي باقراڻي ٿاڻي ڏانھن زوري پڪڙي وٺي اچي ٿاڻي جي پويان واقع جڳھ ۾ مون سان بدفعلي ڪئي ۽ ڌمڪي ڏني ته خاموش ٿي اسان کي ڪرڻ ڏئي نه ته ٿاڻي تي موبائيل فون چوري جي ڪيس ۾ اندر ڪرائينداسين ، روز اسان کي خوش ڪر نه ته ٻئي صورت ۾ ويڊيو نيٽ تي وائرل ڪري ڇڏينداسين ، ٻئي طرف متاثر نينگر جي چاچي علي گوهر شيخ صحافين کي ٻڌايو ته اسان غريب ۽ عزتدار ماڻهون آهيون باقراڻي جي بااثر خاندان سان واسطو رکندڙ گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول باقراڻي جي ڪلارڪ ۽ ٻين وحشي جوابدارن معصوم نينگر سان بدفعلي ڪري ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي آهي ، هن ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ٻين اعلي عملدارن کان مطالبو ڪيو ته اهڙي واقعي جي نوٽيس وٺي ملوث بااثر جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اسان کي انصاف ڏياريو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو ، هوڏانهن ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي باقراڻي پوليس ٻڌايو ته اهڙي واقعي جي اين سي ارشد ڪلهوڙو ۽ سندس دوستن خلاف باقراڻي ٿاڻي تي داخل ڪري ڇڏي آهي ، پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ويل آهي ، پوليس مطابق بدفعلي جي سوشل ميڊيا تي ڪيل ويڊيو پڻ متاثر نينگر جي وارثن پڻ پوليس کي ڏني وئي آهي .
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
Sindh Baqrani Rape
0 تبصرے