English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جي ايڪسائيز کاتي کي گاڏين جون نمبر پليٽون جاري ڪرڻ ۾ تيزي ڏيکارڻ جي هدايت
views
|
05th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
گاڏين جي نمبر پليٽن واري طريقيڪار بهتر بڻايو وڃي ۽ عوام کي سهولتون فراهم ڪن: محتسب اعليٰ سنڌ جا حڪم
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) محتسب اعليٰ سنڌ اعجاز علي خان ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي کي حڪم جاري ڪندي چيو ته گاڏين جي نمبر پليٽن جي فوري جاري ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ گهربل طريقيڪار اختيار ڪيا وڃن. مٿي ڄاڻايل حڪمن تحت محتسب اعليٰ سنڌ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي جي سيڪريٽري کي 3 لک کان وڌيڪ گاڏين جي نمبر پليٽس جاري نه ڪرڻ تي پاڻمرادو نوٽيس جي ڪارروائي جي دوران جاري ڪيا. سيڪريٽري ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتو سنڌ عاطف الرحمان محتسب اعليٰ سنڌ کي پيش ڪيل پنهنجي پريزنٽيشن ۾ جاري نه ٿيل نمبر پليٽس جي پوئتي پيل سببن ۽ صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ کنيل قدمن جي وضاحت ڪئي. محتسب اعليٰ سنڌ سيڪريٽري ايڪسائيز کي حڪم جاري ڪندي چيو ته مالڪن کي پوسٽ ذريعي نمبر پليٽ فراهم ڪرڻ جي فزيبلٽي جو جائزو وٺن ۽ عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. محتسب اعليٰ سنڌ وڌيڪ چيو ته ته بائيو ميٽرڪ ۽ لاڳاپيل سهولتن لاءِ سسٽم کي نادرا سان گڏ ملائڻ تي وڌيڪ غور ڪيو وڃي، محتسب اعليٰ سنڌ وڌيڪ هدايتون ڪيون ته مختلف جڳهن تي ڊيسڪ/ون ونڊو آپريشن جو جائزو پڻ وٺن. جنهن ۾ رجسٽرڊ موٽر ڊيلرز به شامل آهن ته جيئن شڪايتن جو ازالو ڪري انهن کي سسٽم ۾ آڻي سگهجي ۽ کاتو انهن مسئلن تي هڪ مهيني ۾ پنهنجي رپورٽ پيش ڪن.ان موقعي تي ناظم حاجي (باني ۽ چيئرمين سي پي ايل سي) گڏيل عرب امارات سان زوم اجلاس ۾ شرڪت پڻ ڪئي ۽ پنهنجون تجويزون پيش ڪيون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
karachi
department
technician
excise
0 تبصرے